شنگھائي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن شنگھائي جي ميئر زو زونگمنگ سان ملاقات ڪري ٻنهي شهرن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪراچي ۽ شنگھائي وچ ۾ جاڙن شهرن جي باضابطه ڀائيواري قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي سمارٽ سٽي رٿابندي، شهري ترقي ۽ ڊجيٽل انتظامڪاريءَ جي شعبن ۾ چين جي مهارت مان فائدو وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
شنگھائي جي ميئر سان ملاقات دوران سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۽ شنگھائي اهم واپاري ۽ بندرگاهي شهر آهن، تنهنڪري شهري رٿابندي، آمدرفت، ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار سان ٻنهي شهرن کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
هن ڪراچي ۽ شنگھائي وچ ۾ جاڙن شهرن جي باضابطه ڀائيواري قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن سان ٻنهي شهرن وچ ۾ باقاعده رابطن، تجربن جي ڏي وٺ ۽ گڏيل دلچسپيءَ وارن شعبن ۾ سهڪار لاءِ هڪ منظم طريقيڪار جوڙي سگهجي ٿو.
مراد علي شاهه ڪراچيءَ ۾ شهري ترقيءَ لاءِ جاري اهم قدمن جو ذڪر ڪندي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ٽيڪنالاجي توڙي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ کي نمايان ڪيو.
هن شنگھائي کي دعوت ڏني ته اهو گڏيل شهري رٿابندي، عوامي آمدرفت، ڊجيٽل خدمتن ۽ سمارٽ سٽيءَ جي انتظام بابت پنهنجا تجربا ڪراچيءَ سان ونڊي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت شهري سهولتون بهتر بڻائڻ ۽ شهرن کي وڌيڪ ڪارائتو، مربوط ۽ شهرين جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال بابت شنگھائي جي تجربن مان سکڻ چاهي ٿي.
ملاقات ۾ سنڌ ۽ شنگھائي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاريءَ جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌا رابطا وڌائڻ ۽ لاڳاپيل ادارن جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
ميئر زو زونگ منگ سهڪار بابت پيش ڪيل تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ شنگھائي ۽ ڪراچي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. زو کي سيپٽمبر 2026ع ۾ شنگھائي ميونسپل حڪومت جو نائب ميئر ۽ وقتي ميئر مقرر ڪيو ويو هو.
ملاقات ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، منصوبابندي ۽ ترقيءَ وارو وزير ڄام خان شورو، زراعت وارو وزير سردار محمد بخش خان مهر، سنڌ جي وڏي وزير جو سيڙپڪاريءَ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس، منصوبابندي ۽ ترقيءَ واري بورڊ جو چيئرمين نجم احمد شاهه، ڪراچيءَ جو ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، سيڙپڪاريءَ وارو سيڪريٽري راجا خرم شهزاد ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.










