اسٽيل ٽائون مان اغوا ٿيل نوجوان جو لاش هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

اسٽيل ٽائون مان اغوا ٿيل نوجوان جو لاش هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون مان اغوا ٿيل 23 ورهين جي نوجوان زين العابدين جو لاش گلشن حديد ويجهو جهنگ مان هٿ آيو آهي، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي حراست ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پوليس اختيارين موجب، زين العابدين 14 آڪٽوبر تي موٽرسائيڪل تي گهران نڪتو هو، جنهن کانپوءِ واپس نه موٽيو. نوجوان جي اغوا جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. پوليس موجب، مغوي جي استعمال هيٺ سم مان سندس وارثن کي فون ڪال ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اغوا ڪندڙن وارثن کي ڊيڄارڻ لاءِ نوجوان جو ڪٽيل هٿ پڻ موڪليو هو. هٿ جا نمونا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ موڪليا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ٻنهي جوابدارن جاچ دوران نوجوان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. حراست ۾ ورتل جوابدارن مان هڪ مقتول جو ويجهو مائٽ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو