بدين (پ_ر) عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي ضلعي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ضلعي آرگنائيزر محمد علي ٽالپر جي صدارت هيٺ بدين ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو ڪنوينشن ۽ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازشن، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن نون ڪئنالن ۽ ڊيمن خلاف ڪانفرنس 24 آڪٽوبر تي بدين ۾ منعقد ڪئي ويندي.اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي وحدت، زمينن، وسيلن ۽ سامونڊي پٽيءَ تي سوديبازي ڪري چڪي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي اي جاويد شاهه جيلانيءَ جو سنڌ جي ساحلي پٽي تي ڪمپرومائز ڪري وفاق حوالي ڪرڻ وارو بيان پيپلزپارٽي جي اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت سان اقتدار خاطر ڳجھ ڳوھ ۾ ڪيل معاھدي جو چٽو ثبوت آھي. اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌي عوام کي گمراھ ڪرڻ ۽ نون صوبن خلاف ھلندڙ جدوجھد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪرڻ کان پوءِ خاموش ٿي وئي آھي. هنن چيو ته سنڌ ڪنھن فرد واحد ۽ پارٽي جي ذاتي جاگير ناھي، سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن ،قوم جي گڏيل ۽ اجتماعي ملڪيت آھي، سنڌ جو ست ڪروڙ عوام پيپلزپارٽي جي ان ڳجھي ڪيل ڊيل کي ھرگز برداشت ڪونه ڪندو. اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي سوديبازي رد ٿي ڪري سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو جدوجھد وسيلي پنهنجي سمنڊ، درياهه، زمينن ۽ وسيلن جي حفاظت ڪندو. ھنن چيو ته پيپلزپارٽي ھردور ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪري جمھوريت جي تڏا ويڙھ ڪئي آھي. صوبن جي حقن تي راتاھو ھنيو آھي. خيبرپختونخواھ ۾ ايمرجنسي ھڻڻ ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کان پوءِ پيپلزپارٽي جو چھرو بي نقاب ٿي چڪو آھي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازشن، سنڌ جي ساحلي پٽي ۽ زمينن تي قبضن، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙن خلاف عوامي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. بدين ضلعي ۾ ڪنوينشن ۽ ڪانفرنس ذريعي هارين، مهاڻن، پورهيتن، نوجوانن، شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن کي منظم ڪري سنڌ جي قومي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي. اجلاس ۾ مھراڻ درس، بھادر ٽالپر، ھميرو مل، اي ڪي احمداڻي، مختيار بڪاري جيون ڪمار، جاکرو نوحاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










