حيدرآباد (ن س) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۽ وسيلن تي قبضي جي منصوبن خلاف محبت سنڌ ريلين ۽ جلسن جو اعلان ڪيو ويو آهي.قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي سمنڊ، ٻيٽن، ڊيلٽا، بندرگاهن، ٻيلن، جبلن ۽ ٻين وسيلن تي قبضي جون سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اهي وسيلا سنڌي قوم جي هزارين سالن جي امانت آهن، جيڪي ڪنهن به حڪومت، اداري يا ڪمپنيءَ جي جاگير ناهن. اياز لطيف پليجي جو چوڻ هو ته سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ بابت ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي ۽ ان جو هڪ انچ به ڪنهن کي نه ڏنو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جو معاملو سنڌ جي بقا، ماڻهن جي روزگار، معيشت ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل سان جڙيل آهي. قومي عوامي تحريڪ طرفان مختلف شهرن ۾ محبت سنڌ ريلين ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پهرين نومبر تي ٺل، 10 نومبر تي کور واهه، 15 نومبر تي لاڙڪاڻي، 23 نومبر تي مٽياري ۽ 25 نومبر تي ميرپور بٺوري ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.










