پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جمعي ڏينهن صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ فرضن جي ادائيگي دوران شهيد يا زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي معاوضي واري پيڪيج وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صوبائي حڪومت شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ معاوضي جي رقم وڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته اڳوڻي پلاٽ الاٽمينٽ واري اسڪيم ۾ ترميم ڪندي پلاٽن بدران وارثن کي روڪ رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نئين اسڪيم تحت شهيد ڪانسٽيبلن، هيڊ ڪانسٽيبلن، اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن (اي ايس آءِ)، سب انسپيڪٽرن (ايس آءِ) ۽ انسپيڪٽرن جي وارثن کي معاوضي طور هڪ ڪروڙ 10 لک رپين بدران هڪ ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنا ويندا.
شهيد ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ڊي ايس پي)۽ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (اي ايس پي) جي وارثن لاءِ معاوضو هڪ ڪروڙ 60 لک رپين مان وڌائي اڍائي ڪروڙ رپيا ڪيو ويو آهي.
شهيد سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس پي)، سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي)، اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) ۽ گريڊ 18 ۽ 19 جي ٻين سمورن آفيسرن جي وارثن کي اڳ ۾ 2 ڪروڙ 10 لک رپيا معاوضو ملندو هو، پر نئين اسڪيم تحت کين 3 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي)، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي پي) ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي شهيد ٿيڻ جي صورت ۾ سندن وارثن لاءِ معاوضو 2 ڪروڙ 10 لک رپين مان وڌائي 3 ڪروڙ 50 لک رپيا ڪيو ويو آهي.
زخمي پوليس اهلڪارن جي معاوضي بابت ڳالهائيندي گورنر ڪنڊي چيو ته ان ۾ واڌ اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها، پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت فرضن جي ادائيگي دوران سخت زخمي ٿيندڙ يا مستقل طور معذور بڻجندڙ اهلڪارن جي معاوضي ۾ وڏي واڌ ڪئي آهي.
اڳ ۾ مستقل معذوريءَ جي صورت ۾ معاوضو 5 لک رپيا هو، جيڪو سندس حڪومت ڏهوڻو وڌائي 50 لک رپيا ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح سخت زخمن جي صورت ۾ معاوضو هڪ لک رپين مان وڌائي 15 لک رپيا ڪيو ويو آهي.
ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويندا هئا، پر اها اسڪيم ڪجهه خاندانن لاءِ ڏکيائيءَ جو سبب بڻجندي هئي. مثال طور، ڊيرا اسماعيل خان يا بنون ۾ رهندڙ خاندانن کي نوشهري يا صوابيءَ ۾ پلاٽ ملي سگهندا هئا. نئين اسڪيم تحت پلاٽن بدران وارثن کي مالي معاوضو ڏنو ويندو.
هن چيو ته رقم ملڻ سان خاندانن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ان جي استعمال جو اختيار هوندو. اهي چاهين ته گهر ڪرائي تي وٺن يا پنهنجي پسند جي هنڌ تي پلاٽ يا گهر خريد ڪن.
شهيد ڪانسٽيبلن ۽ هيڊ ڪانسٽيبلن جي وارثن کي پنج مرلا پلاٽ بدران هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا روڪ ڏنا ويندا. جڏهن ته شهيد اي ايس آءِ، ايس آءِ ۽ انسپيڪٽرن جي وارثن کي ست مرلا پلاٽ بدران اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.
گورنر ڪنڊي وڌيڪ چيو ته ڊي ايس پي ۽ اي ايس پي جي شهيد ٿيڻ جي صورت ۾ سندن وارثن کي اڳ ۾ 10 مرلا پلاٽ ڏيڻ جو حقدار سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي کين 3 ڪروڙ رپيا روڪ ڏنا ويندا. ايس پي، ايس ايس پي ۽ ان کان مٿين عهدن جي آفيسرن جي وارثن لاءِ هڪ ڪنال پلاٽ بدران 7 ڪروڙ رپيا مقرر ڪيا ويا آهن.
ڪنڊي زور ڏيندي چيو ته رڳو ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار ئي نه، پر سندن خاندان به خطري ۾ هوندا آهن. هن چيو ته دهشتگرد پوليس اهلڪارن جي وارثن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا، تنهن ڪري حڪومت اهڙن واقعن لاءِ نئون معاوضي وارو پيڪيج متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار جي زال يا ٻار مارجي وڃن ته خاندان کي 50 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. جڏهن ته اهلڪار جي ماءُ پيءُ يا ڀائرن ۽ ڀينرن جي مارجي وڃڻ جي صورت ۾ حڪومت 30 لک رپيا معاوضو ادا ڪندي.
گورنر ڪنڊي ڊيوٽيءَ کان ٻاهر مارجي ويندڙ پوليس اهلڪارن لاءِ به معاوضي واري پيڪيج جو اعلان ڪيو. ڊيوٽيءَ کان ٻاهر مارجي ويندڙ ڪانسٽيبلن، هيڊ ڪانسٽيبلن، اي ايس آءِ ۽ انسپيڪٽرن جي وارثن کي 40 لک رپيا ڏنا ويندا.
اهڙيءَ طرح ڊيوٽيءَ کان ٻاهر مارجي ويندڙ ڊي ايس پي ۽ اي ايس پي جي وارثن لاءِ معاوضو 50 لک رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايس پي، ايس ايس پي ۽ گريڊ 18 ۽ 19 جي آفيسرن جي وارثن کي 70 لک رپيا ڏنا ويندا.
خيبرپختونخوا حڪومت شهيد پوليس آفيسرن جي ڌيئرن جي شادين لاءِ مالي مدد طور 10 لک رپيا ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي. گورنر ڪنڊي موجب، خاندانن جي زندگيءَ جي هڪ اهم مرحلي تي اها ”ضروري مالي مدد“ آهي.
هن چيو ته شهيد پوليس آفيسرن جي ٻارن جي تعليم لاءِ به هڪ نئون فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن مان کين ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي ويندي.
گورنر وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جي اهلڪارن جون پگهارون اميدن کان وڌيڪ وڌايون ويون آهن، جيئن سندن پگهارن ۽ مراعتن جو پيڪيج ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهجي.
هن ٻڌايو ته هن لاڳاپيل اختيارين کي خيبرپختونخوا پوليس ۾ ڀرتين جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته پوليس ۾ 17 هزار جايون خالي پيل آهن.
پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻيءَ تي ڪنڊي چيو ته: ”وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا ڏينهن گذري ويا آهن. هاڻي اسان کي صوبي ۾ امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.“
اڱاري ڏينهن ڪنڊي اختيارين کي هدايت ڪئي هئي ته پوليس اهلڪارن جي پگهارن ۾ واڌ ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ بهتر فلاحي پيڪيج بابت تجويزون تيار ڪري جلد کان جلد سمري پيش ڪئي وڃي.
گورنر هائوس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هن پوليس اهلڪارن جي پگهارن ۽ شهيد توڙي زخمي اهلڪارن جي خاندانن لاءِ فلاحي قدمن بابت تجويزن جو جائزو ورتو.
11 آڪٽوبر تي وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي جي سربراهه جي حيثيت ۾ ذميواريون سنڀاليون.










