پشاور ۾ پوليس پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد

پشاور ۾ پوليس پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي حسن خيل واري علائقي ۾ دهشتگردن جي پوليس پوسٽ تي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. سي سي پي او پشاور ميان سعيد موجب، گذريل رات حسن خيل جي سپين ميلي واري پوليس پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويو.هن ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن جي جوابي فائرنگ بعد حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. سي سي پي او پشاور موجب، فرار ٿيل دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو