اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران آمدنيءَ جا ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ وڌيڪ واڌ ڪري 31 آڪٽوبر 2026ع مقرر ڪرڻ باوجود پرچون واپارين لاءِ متعارف ڪرايل ٽيڪس اسڪيم گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. رپورٽن موجب هيل تائين آسان ٽيڪس اسڪيم تحت رڳو 1,571 ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا ويا آهن. ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 آڪٽوبر کان وڌائي 31 آڪٽوبر 2026ع ڪري ڇڏي آهي. ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙ اداري کي هيل تائين مجموعي طور 69 لک ٽيڪس گوشوارا مليا آهن، جن سان گڏ 72 ارب رپيا ٽيڪس پڻ جمع ڪرايو ويو آهي. گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران 52 لک ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا ويا هئا، پر ان وقت وصول ٿيل ٽيڪس جي رقم موجوده سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي.










