ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلي دوران شهريءَ جي قتل ۾ ملوث جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيڻ کانپوءِ علاج دوران فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب جوابدار شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ شهريءَ کي قتل ڪيو هو. واقعي کانپوءِ پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدار کي سڃاڻي گرفتار ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار وٽان غيرقانوني هٿيار، روڪ رقم، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل سندس ساٿيءَ جي ڳولا جاري آهي.










