وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته توانائيءَ جي فراهميءَ بابت خدشا اڃا برقرار آهن. رپورٽن موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 41 سينٽ، يعني 0.39 سيڪڙو گهٽجڻ کانپوءِ 105 ڊالر 51 سينٽ في بيرل ٿي وئي. اهڙيءَ طرح آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪچي تيل جي قيمت 54 سينٽ، يعني 0.55 سيڪڙو گهٽتائيءَ کانپوءِ 97 ڊالر 43 سينٽ في بيرل تي اچي وئي. تيل جي اگهن ۾ اها گهٽتائي اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن عالمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي) سپلاءِ تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ مارچ ۾ مختص ڪيل هنگامي ذخيرن مان ٻن ڪروڙ بيرلن کان وڌيڪ ڊيزل ۽ باقي تيل جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خبر ايجنسي رائٽرز موجب آمريڪي انتظاميا تيل جي فراهميءَ جا خرچ گهٽائڻ لاءِ انهن ڪجهه بحري جهازن تان پابنديون هٽائڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي، جيڪي روس، ايران ۽ وينزويلا سميت مختلف ملڪن مان تيل منتقل ڪندا رهيا آهن. ٻئي پاسي آبنائي هرمز ڀرسان بحري جهازن تي ٻيهر حملن ۽ سعودي عرب توڙي يمن جي حوثي باغين وچ ۾ وڌندڙ ويڙهه سبب خطي ۾ توانائيءَ جي فراهميءَ بابت خدشا برقرار آهن. ماهرن موجب خطي جي صورتحال عالمي تيل مارڪيٽ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو