ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي نارٿ ڪراچي واري علائقي ناگن چوڪ ڀرسان گهر مان پيرسن زال مڙس جا لاش هٿ آيا آهن، جن کي مبينا طور قتل ڪيو ويو آهي. ٻنهي زال مڙس هڪ مهينو اڳ ڪينيڊا مان پنهنجو گهر وڪرو ڪري پاڪستان منتقل ٿيا هئا، جتي گهر جي مرمت ۽ تزئين جو ڪم جاري هو.پوليس موجب فوت ٿيل مڙس جي سڃاڻپ 70 ورهين جي محمد يامين ولد خدا بخش، جڏهن ته سندس گهرواريءَ جي سڃاڻپ 65 ورهين جي نفيس اختر طور ڪئي وئي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي جا لاش 10 کان 15 ڪلاڪ پراڻا لڳن ٿا. زال مڙس جي جسمن تي ڪنهن به تيز ڌار اوزار سان وار ڪرڻ جا نشان نه مليا آهن، جڏهن ته گهر مان ڦر جا آثار پڻ سامهون نه آيا آهن.واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي موجود ثبوت گڏ ڪري ورتا.پوليس موجب عباسي شهيد اسپتال ۾ شروعاتي معائني دوران ٻنهي جي نڪ ۽ ڪنن مان رت وهڻ جا نشان مليا آهن. شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته گهڻي رت وهڻ سبب سندن موت ٿيو، جڏهن ته اهو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻنهي کي ڪا زهريلي شيءِ کارائي يا پياري وئي هجي. موت جو اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ مرمتي ڪم سبب ڪجهه مزدورن جي اچ وڃ پڻ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ٻنهي زال مڙس کي اڱاري جي شام تائين گهر ٻاهران به ڏٺو ويو هو.پوليس اختيارين موجب اهو گهر اڳ ۾ هڪ مائٽ کي مسواڙ تي ڏنل هو، جنهن کان گذريل مهيني خالي ڪرايو ويو هو. پوليس واقعي جي جاچ لاءِ مائٽن ۽ گهر ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته زال مڙس جي موت جو حتمي ڪارڻ جاچ مڪمل ٿيڻ ۽ لاڳاپيل طبي رپورٽن کانپوءِ ئي واضح ٿي سگهندو.










