پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، توانائي ۽ دفاعي سهڪار تي اتفاق

پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، توانائي ۽ دفاعي سهڪار تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) روس جي گهرو معاملن واري وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف اربع ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پاڪستان سان واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم هائوس موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو.
ڪولوڪولتسيف، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي دعوت تي سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو هو. اهو پهريون ڀيرو آهي ته روس جو ڪو گهرو معاملن وارو وزير پاڪستان جي دوري تي آيو آهي.
وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، اربع ڏينهن وزيراعظم سان ملاقات دوران روسي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي وڏي امڪان کي اجاگر ڪيو.
هن چيو ته روس پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو. بيان موجب، روس پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ به تيار آهي.
روسي وزير گڏيل قومن سميت مختلف گهڻ ملڪي فورمن تي پاڪستان جي سهڪار کي به ساراهيو.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف روس سان دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي لاءِ موجود ٻطرفن نظامن کي اثرائتي نموني استعمال ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم هائوس موجب، شهباز شريف واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ اقتصادي ترقي سميت گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان اڳڀرائي کي بنياد بڻائي ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي.
روسي وزير جي سي ڊي ايف سان ملاقات، دفاعي سهڪار تي ڳالهيون
روسي گهرو معاملن واري وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف اربع ڏينهن راولپنڊي ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪيو، جتي سندس ملاقات چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف)۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٿي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۽ ماسڪو وچ ۾ دفاعي سهڪار مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
پاڪستان فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سلامتيءَ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته ٻطرفي سلامتيءَ جي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي سلامتيءَ وارن ادارن وچ ۾ ويجهن ادارياتي لاڳاپن ۽ بهتر هم آهنگيءَ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
بيان موجب، سي ڊي ايف فيلڊ مارشل عاصم منير روس سان پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن، خاص طور سلامتيءَ جي ميدان ۾ عملي سهڪار وڌائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.
روسي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي به ساراهيو. هن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فورسز جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ قربانين جو اعتراف ڪيو.
پاڪستان ۽ روس حوالگيءَ واري معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ تي متفق
ان کان اڳ اربع ڏينهن پاڪستان ۽ روس ڏوهارين جي حوالگيءَ واري معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته منظم ڏوهن جي روڪٿام ۽ معلومات جي ڏي وٺ بابت مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪرڻ جو به عزم ڪيو ويو.
گهرو معاملن واري وزارت جي بيان موجب، اهو اتفاق اسلام آباد ۾ پاڪستان جي گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي ۽ روسي وزير ڪولوڪولتسيف وچ ۾ ملاقات دوران ٿيو. ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ به ڳالهيون ٿيون.
وزيراعظم هائوس موجب، مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ وقت وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو.
ملاقات دوران محسن نقوي چيو ته منظم ڏوهن جي روڪٿام بابت تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشت ٻنهي ملڪن جي سهڪار ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.
ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ڪيو ۽ ڏوهارين جي حوالگيءَ واري معاهدي توڙي ڏوهارين جي ڏي وٺ بابت ٺاهه کي آخري شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.
بيان موجب، ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ واپس موڪلڻ بابت معاهدي تي جلد عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو.
ان کانسواءِ پاڪستان جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ روس جي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي گهرو معاملن وارين وزارتن جا ورڪنگ گروپ جلد هڪ ٻئي جي ملڪن جا دورا ڪندا.
بيان موجب، پاڪستان مان ماهر ۽ تربيت يافته افرادي قوت روس موڪلڻ، سياحن ۽ واپاري برادريءَ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ بابت پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي ملڪن جي نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ روسي پوليس اڪيڊمي وچ ۾ سائبر ڏوهن جي روڪٿام لاءِ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو.
محسن نقوي چيو ته ويزا جي نظام ۾ آساني پيدا ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن کي هٿي ملندي. هن سائبر ڏوهن کي روڪڻ لاءِ روس جي تجربن مان فائدو وٺڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت 1,300 پاڪستاني شاگرد روس ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان چاهي ٿو ته وڌيڪ شاگرد به اتي تعليم حاصل ڪن.
روسي گهرو معاملن واري وزير ڪولوڪولتسيف چيو ته دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ سميت هر قسم جي منظم ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته روس اثرائتن قدمن ذريعي سائبر ڏوهن ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي آندي آهي.
ملاقات ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، پاڪستان ۾ روسي سفير، گهرو وزارت جا خاص ۽ اضافي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ شريڪ هئا.
اسحاق ڊار سان به ملاقات
روسي وزير پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي کاتي موجب، محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ ان ملاقات ۾ شامل هئا.
پرڏيهي کاتي جي بيان موجب، اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ تازن اعليٰ سطحي دورن ۽ رابطن جي آجيان ڪئي.
بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ، عوامي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم سميت مختلف گهڻ ملڪي فورمن تي ويجهي سهڪار برقرار رکڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪستان ۽ روس جا اقتصادي لاڳاپا
تازن سالن دوران پاڪستان ۽ روس وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا نمايان طور مضبوط ٿيا آهن، جنهن جو هڪ اهم سبب ٻنهي ملڪن جون گڏيل ضرورتون آهن.
هلندڙ سال جنوريءَ ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو هو ته پاڪستان سان ماسڪو جا لاڳاپا ”حقيقي طور ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند“ آهن ۽ روس اسلام آباد سان ويجها لاڳاپا برقرار رکيو پيو اچي.
گذريل سال جولاءِ ۾ روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان ۽ روس کي ”قدرتي اتحادي“ قرار ڏنو هو. هن چيو هو ته پيوٽن اسلام آباد کي معيشت ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ هڪ اهم اسٽريٽجڪ ڀائيوار سمجهي ٿو.
يوڪرين تڪرار سبب اولهه جي ملڪن پاران روس تي پابنديون لڳائڻ کانپوءِ ماسڪو توانائيءَ جي وڪري لاءِ نيون منڊيون ڳولڻ شروع ڪيون، جڏهن ته پاڪستان پڻ قومي درآمدي خرچ گهٽائڻ لاءِ سستي ٻارڻ جا ذريعا ڳولي رهيو هو.
سفارتي لاڳاپن ۾ اها تبديلي 2023ع ۾ ان وقت نمايان ٿي، جڏهن پاڪستان روسي خام تيل کي باضابطا طور پنهنجي توانائيءَ جي ذريعن ۾ شامل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو