ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سائٽ جو اوچتو دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن جو معائنو ڪندي انتظامي معاملن، ملازمن جي حاضري، صفائي سٿرائي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ايم ڊي سائٽ احمد فواد شاهه به ساڻس گڏ هو. صوبائي وزير دوري دوران ملازمن جا حاضري رجسٽر چيڪ ڪيا ۽ غير حاضر ٿيندڙ يا دير سان دفتر پهچندڙ ملازمن خلاف کاتي ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واضح ڪيو ته سرڪاري معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ نظم و ضبط ۽ وقت جي پابنديءَ تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو. ڄام اڪرام الله ڌاريجو هدايت ڪئي ته سائٽ جي سمورن شعبن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ صفائي سٿرائي سميت سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ملازم پنهنجون ذميواريون پوري ديانتداري ۽ وقت جي پابنديءَ سان انجام ڏين، ٻي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف کاتي پاران سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته واپاري برادريءَ کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سمورن انتظامي ۽ دفتري معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ سان گڏ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين کي به هٿي ڏئي سگهجي.










