سانگهڙ (ن س) سانگهڙ ٽنڊو آدم ۾ جهول روڊ تي ڳوٺ خليل ماڪوراني ۾ گتي جي فيڪٽري تي ڌاڙي جي ڪوشش دوران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.پوليس موجب مارجي ويل هڪ ڄڻو پنهنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو. پوليس موجب جهول روڊ تي ڳوٺ خليل ماڪوراني ۾ قائم گتي جي فيڪٽري ۾ مبينا طور ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران فيڪٽري جي مالڪن ۽ ملازمن مزاحمت ڪئي. ان موقعي تي ڌاڙيلن مبينا طور فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.پوليس جي دعويٰ موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڄڻو پنهنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. مارجي ويل جي سڃاڻپ محمد اشرف ولد غلام رسول طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ مشتاق ولد حاڪم طور ڄاڻائي وئي آهي. پوليس موجب زخمي مشتاق کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال ٽنڊو آدم منتقل ڪيو ويو، جتي کيس علاج فراهم ڪيو پيو وڃي.










