مختلف شعبن ۾ تعاون تي اتفاق، نارمل يونيورسٽي جو دورو
CM Sindh, Murad Shah's China visit
CM Sindh visit Normal University of China

مختلف شعبن ۾ تعاون تي اتفاق، نارمل يونيورسٽي جو دورو

ووهان، چين(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ جي اعليٰ سطحي وفد چين جي هوبي صوبي جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪري سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، فني تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وڏي وزير جي وفد جي ووهان آمد تي هوبي صوبي جي گورنر لي ڊيان شون آجيان ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سيڪريٽري گوان زي او ۽ هوبي جي گورنر لي ڊيان شون سان پڻ ملاقاتون ٿيون.
سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ وفد ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، منصوبابندي ۽ ترقيءَ وارو وزير ڄام خان شورو، زراعت وارو وزير محمد بخش مهر، سيڙپڪاريءَ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم احمد شاهه، سيڪريٽري سيڙپڪاري راجا خرم شهزاد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.
ملاقاتن دوران سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ صوبائي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستان توڙي چين جي پراڻي دوستيءَ کي عملي ترقياتي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ اقتصادي سهڪار، واپار ۽ سيڙپڪاري
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ اقتصادي سهڪار، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن ٻنهي علائقن جي ماڻهن وچ ۾ لاڳاپن، تعليمي مٽاسٽا ۽ گڏيل سرگرمين کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو.
هوبي جي گورنر لي ڊيان شون چيو ته سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ گڏيل منصوبن جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته هوبي جو مضبوط صنعتي ڍانچو، جديد پيداواري صنعتون ۽ عالمي معيار جا تحقيقي ادارا سنڌ سان سهڪار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
زراعت ۽ زرعي تحقيق ۾ گڏيل سهڪار
وڏي وزير ۽ هوبي جي گورنر وچ ۾ زراعت، زرعي تحقيق ۽ جديد پوکيءَ جي طريقن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هوبي جي قيادت سنڌ سان صنعتي، زرعي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
سنڌ جي وڏي وزير چين پاران هڪ هزار پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس کي تربيت فراهم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن ٻڌايو ته هڪ هزار پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس مختلف چيني يونيورسٽين ۾ تربيت حاصل ڪئي، جن مان وڏي انگ هوازونگ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ۽ تربيت ورتي.
ملاقات ۾ سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ جديد ۽ ڊجيٽل زراعت لاءِ گڏيل ليبارٽري قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي وئي.
مراد علي شاهه چيو ته چانورن جي پيداوار ۽ ٻجن جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ هوبي جي مهارت سنڌ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. جديد زرعي تحقيق ذريعي سنڌ ۾ زرعي پيداوار ۽ آبادگارن جي آمدني وڌائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
هن چيو ته سنڌ ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشيني پوکيءَ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.
زرعي شين کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ تي زور
ملاقات ۾ سنڌ جي اعليٰ معيار جي ميون، ڀاڄين، گوشت، کير ۽ مڇيءَ جي شين کي ملڪي توڙي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چين جي جديد تجربي مان فائدو وٺي زرعي پيداوار جي ذخيرن، محفوظ منتقلي ۽ ورڇ جو نظام بهتر بڻائي سگهجي ٿو، جنهن سان سنڌ جي زرعي شين کي ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي.
بندرگاهن، صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ سهڪار
سنڌ جي وڏي وزير ۽ هوبي جي گورنر وچ ۾ بندرگاهن، صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ سهڪار بابت پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
هوبي جي قيادت سنڌ سان ڪاروباري ادارن وچ ۾ ڀائيواري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.
مراد علي شاهه چيني ڪمپنين کي سنڌ ۾ صنعتي ۽ ٽيڪنيڪي آزمائشي منصوبا شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن بندرگاهن جي سامان جي چرپر ۽ ورڇ واري نظام، صنعتي خودڪاري ۽ شهرن ۾ ٽريفڪ جي انتظام بابت سهڪار جون تجويزون پيش ڪيون.
هن چيو ته سنڌ جون بندرگاهون، صنعتي بنياد ۽ يونيورسٽيون جديد ٽيڪنالاجيءَ جي منصوبن لاءِ مناسب موقعا فراهم ڪن ٿيون.
وڏي وزير ووهان جي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن کي سنڌ سان ڳنڍڻ جي تجويز پڻ ڏني. هن سنڌ جي نون ڪاروباري ادارن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مرڪزن کي چيني ٽيڪنالاجي ادارن سان ڳنڍڻ تي زور ڏنو.
ملاقات ۾ ووهان ۽ سنڌ جي ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌا رابطا وڌائڻ ۽ گڏيل انڪيوبِيشن پروگرامن ذريعي نون ڪاروبارن کي ترقي ڏيڻ جا امڪان پڻ بحث هيٺ آيا.
وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪراچيءَ ۾ صنعتي خودڪاري ۽ جديد ٽريفڪ مئنيجمينٽ جا آزمائشي منصوبا شروع ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
تعليم، نوجوانن ۽ فني تربيت ۾ سهڪار
سنڌ جي وڏي وزير ۽ هوبي جي گورنر وچ ۾ تعليم، نوجوانن جي ترقي ۽ فني تربيت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مراد علي شاهه هوبي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن ۽ تحقيقي اسڪالرن کي پاڪ چين دوستيءَ جا سفير قرار ڏنو.
تعليمي تربيت بابت سهڪار ۽ نارمل يونيورستي جو دورو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن سنڌ ۽ چين وچ ۾ تعليمي ۽ علمي سهڪار جي هڪ نئين ۽ اثرائتي دور جي شروعات تي زور ڏيندي استادن جي تربيت، تعليمي ٽيڪنالاجي، شاگردن جي مٽاسٽا، چيني ٻوليءَ جي تعليم ۽ گڏيل تحقيق جي شعبن ۾ مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي.
ووهان ۾ قائم مشهور سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽي (CCNU) ۾ پاڪستاني ۽ چيني يونيورسٽي اڳواڻن، استادن ۽ شاگردن جي هڪ خاص تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته تعليم ۽ نوجوانن جي ڀائيواري پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ايندڙ مرحلي جو بنياد بڻجندي، خاص طور تي اهڙي وقت جڏهن ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.
تقريب ۾ يونيورسٽيءَ جو صدر پروفيسر پينگ شوانگجي، يونيورسٽيءَ جي پارٽي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مسٽر شيا ليشن، سينيئر تعليمي ماهر، محقق ۽ شاگرد شريڪ ٿيا.
تعليمي ميدان ۾ شاندار روايت
وڏي وزير مراد علي شاهه 1903ع ۾ قائم ٿيل سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽيءَ جي تاريخي خدمتن کي ساراهيندي استادن جي تعليم ۽ تدريسي جدت جي ميدان ۾ اداري جي عالمي ڪردار کي ساراهيو.
هن چيو ته، ”اهڙي يونيورسٽيءَ ۾ بيهڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، جيڪا هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان استادن کي تعليم ڏئي رهي آهي. جڏهن اوهان هڪ استاد کي تعليم ڏيو ٿا ته اوهان ڪيترن ئي نسلن کي تعليم ڏيو ٿا. سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽي جهڙا ادارا علم، جدت ۽ انساني ترقيءَ ذريعي قومن جو مستقبل جوڙين ٿا.“
مختلف تهذيبن جو ڀيٽ ڪندي وڏي وزير چيو ته جيئن يانگزي درياهه چين جي تاريخ ۽ تهذيب جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، تيئن سنڌو درياهه سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن.
هن سنڌ جي شاهوڪار تهذيبي ورثي جو ذڪر ڪندي موهن جو دڙو، مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ادبي ورثي کي اجاگر ڪيو. هن چيني شاگردن ۽ استادن کي ڪراچيءَ جي متحرڪ واپاري مرڪز جو دورو ڪرڻ ۽ سنڌ جي شاهوڪار ثقافت کي ويجهي کان ڏسڻ جي دعوت پڻ ڏني.
سهڪار لاءِ چار نقطن تي ٻڌل فريم ورڪ
سنڌ ۾ جاري تعليمي سڌارن، ڊجيٽل سکيا، فني تعليم ۽ ڪراچي ايجوڪيشن سٽي جي ترقيءَ لاءِ ڪيل سيڙپڪاريءَ جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽيءَ سان گڏيل سهڪار لاءِ چار نقطا پيش ڪيا:
استادن جي تربيت: سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽي، سنڌ جي تعليم کاتي ۽ صوبائي يونيورسٽين وچ ۾ سهڪار ذريعي تربيتي پروگرامن کي بهتر بڻائڻ. ان سلسلي جي شروعات سنڌ مان ماسٽر ٽرينرز، يعني ٻين استادن کي تربيت ڏيندڙ ماهرن جي تياريءَ سان ڪئي ويندي.
علمي مٽاسٽا: اسڪالرشپس، استادن جي مٽاسٽا، تحقيقي فيلوشپس ۽ مختصر مدي وارن تعليمي پروگرامن کي وڌائڻ، جيئن ٻنهي ملڪن جي شاگردن ۽ تعليمي ماهرن جي اچ وڃ ۽ گڏيل سکيا کي هٿي ملي.
چيني ٻوليءَ جي تعليم: سنڌ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ چيني ٻولي پڙهائيندڙ استادن جي تربيت لاءِ سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽيءَ کي سهڪار جي دعوت ڏيڻ، جيئن ثقافتي، تعليمي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين.
گڏيل تحقيقي منصوبا: موسمياتي تبديلي، پاڻيءَ جي انتظام، مصنوعي ذهانت، قابلِ تجديد توانائي، جديد شهرن ۽ سنڌو توڙي يانگزي درياهن جي تهذيبن جي تقابلي تاريخ جهڙن اهم گڏيل مسئلن تي تحقيق لاءِ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيءَ ۾ 25 شعبن اندر 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ 2,500 تدريسي عملي جا ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
باضابطه ڳالهين دوران وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽيءَ جي صدر پروفيسر پينگ شوانگجي ۽ پارٽي ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري مسٽر شيا ليشن کي ثقافتي دوستيءَ جي سوکڙي طور سنڌي اجرڪون ۽ ٽوپيون پيش ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو