اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اربع ڏينهن خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جو ذميوار پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کي قرار ڏيندي ان صورتحال کي ”سياسي خودڪش حملو“ قرار ڏنو.
هن اهي ڳالهيون قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي ڪيون، جتي وفاقي حڪومت پاران خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي قدمن تي بحث جاري آهي. وفاقي حڪومت انهن قدمن جو سبب دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ صوبائي حڪومت جي ”ڄاڻي واڻي لاتعلقي“ کي قرار ڏنو آهي.
ايمرجنسي بابت بحث سبب قومي اسيمبليءَ جي سوالن واري ڪارروائي معطل ڪئي وئي. غيرمتوقع طور تي مخالف ڌر جا ميمبر خاموشيءَ سان ويٺا رهيا ۽ ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ڪيائون. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جڏهن ته قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ بحث جي شروعات ڪئي.
بلاول پنهنجي تقرير جي شروعات ڪندي چيو ته خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جا قدم آئين تحت کنيا ويا آهن.
آئين جون لاڳاپيل شقون پڙهندي بلاول دعويٰ ڪئي ته وفاقي حڪومت ”مخالف ڌر سان لاڳاپا ۽ ڳالهه ٻولهه قائم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، ته جيئن اهو قدم کڻڻ جي ضرورت پيش نه اچي.“
هن چيو ته، ”انهن کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي، ڀلي عوامي سطح تي نه مڃين، پر مخالف ڌر جي ذميوار قيادت کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي خيبر پختونخوا حڪومت تي سياسي خودڪش حملو ڪيو.“
پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ ان ڳالهه کان انڪار نٿي ڪري سگهي ته موجوده سياسي، آئيني ۽ قانوني صورتحال پيدا ٿيڻ ۾ سندس قيادت، خاص طور تي صوبائي قيادت، جو اهم ڪردار رهيو آهي.
بلاول زور ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو موقف اهو رهيو آهي ته ”آئين جي هن ايٽمي بم کي استعمال ڪرڻ کان اڳ اسان کي پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت جي انهن خدشن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ وفاق جي مدد نه ڪري رهيا آهن.“
’قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو‘
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ وضاحت ڪئي ته خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال ”قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو“ بڻجي رهي هئي، جنهن سبب صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.
تارڙ ٻڌايو ته ايمرجنسيءَ جو اعلان جاري ٿيڻ کان پوءِ آئين جي آرٽيڪل 232 تحت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان ان جي منظوري وٺڻ ضروري آهي.
هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 11 آڪٽوبر واري اجلاس ۾ صوبي اندر دهشتگرديءَ بابت ”مواد ۽ ثبوتن“ جو جائزو ورتو، جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف کي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
تارڙ ياد ڏياريو ته ڪجهه ماڻهن هن قدم جو مقابلو اڳوڻي فوجي آمر جنرل پرويز مشرف پاران 12 آڪٽوبر 1999ع تي لاڳو ڪيل ايمرجنسيءَ سان ڪيو هو.
وفاقي وزير خاص طور تي ”اندروني بدامني“ ۽ سرحد پار کان ٿيندڙ دراندازين جو ذڪر ڪيو. هن جو چوڻ هو ته 15 آڪٽوبر 2025ع تي سهيل آفريدي جي حڪومت اچڻ کان پوءِ صورتحال ”خطرناڪ حد تائين قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻجي رهي هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، خاص طور تي 2021ع کان پوءِ، جنهن جو سبب صوبائي حڪومت جو اختيار ڪيل رويو هو.
هن چيو ته، ”شايد ان پٺيان پرڏيهي، سفارتي ۽ سياسي سبب به هجن، جيڪي هڪ سياسي پارٽيءَ جي نقطه نظر سبب وڌيڪ ڀڙڪي پيا.“
تارڙ موجب، 2021ع کان 2024ع تائين خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جا 2,911 واقعا پيش آيا، پر 15 آڪٽوبر 2025ع کان 9 آڪٽوبر 2026ع تائين انهن جو انگ وڌي 3,787 ٿي ويو.
هن خيبر پختونخوا جي وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته هن شهيد ٿيل سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليس اهلڪارن کي نظرانداز ڪيو، جڏهن ته پنهنجي سياسي مقصدن کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
هن چيو ته، ”اهو اعلان به ڪيو ويو هو ته وفاقي گاديءَ واري شهر تي قبضو ڪيو ويندو.“ هن جو اشارو پي ٽي آءِ جي ان منصوبي ڏانهن هو، جنهن تحت اسلام آباد ڏانهن احتجاجي لانگ مارچ ڪرڻو هو.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ تارڙ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جا ٿورا مڃيا، جنهن وفاقي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ فورم فراهم ڪيو.
هن حڪومت جو موقف ورجائيندي چيو ته پي ٽي آءِ ڪيترائي ڀيرا معاهدي جي مسودي ۾ تبديليون ڪرايون، پر ان جي باوجود آخر ۾ پوئتي هٽي وئي.
تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي پارٽيءَ جي باني عمران خان جي آزاديءَ ۽ کيس ڪنهن خانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جيتوڻيڪ کين خبر هئي ته اهڙو رليف رڳو عدالتون ئي ڏئي سگهن ٿيون.
هن چيو ته بدقسمتيءَ ۽ هڪ سياسي پارٽيءَ جي حوالي سان ملڪ جي جمهوري تاريخ ۾ ٻه ڏينهن ياد رکيا ويندا.
ايمرجنسيءَ بابت ڳالهائيندي قانون واري وزير ٻڌايو ته خيبر پختونخوا جي 12 ضلعن لاءِ هڪ خاص طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي.
قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي خطاب دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، تارڙ تي تنقيد ڪئي ته هو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ کي منهن نه ڏنو ويو.
هن فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾ حڪومت جي مينڊيٽ تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن وزير اهو حلف کڻي چوي ته حڪومت اهي چونڊون صاف ۽ شفاف نموني کٽيون هيون ته مخالف ڌر ”آڻ مڃي ڇڏيندي.“
اچڪزئي الزام هنيو ته موجوده حڪمران اتحاد ”غيرقانوني طريقي سان“ قائم ڪيو ويو آهي.










