ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ بابت پارليامينٽ مان ٺهراءُ منظور، پي ٽي آءِ جي عدالت ۾ درخواست

ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ بابت پارليامينٽ مان ٺهراءُ منظور، پي ٽي آءِ جي عدالت ۾ درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ آئيني تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي مخالف ڌر ڪي پي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي نعريبازي ڪئي.ٺهراءَ تي بحث دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ بحث ڪيو، جنهن بعد قومي اسيمبليءَ جو اجلاس جمعي جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ٻنهي ايوانن ۾ ٺهراءُ پارليماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري پيش ڪيو ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ان جي آئيني ضرورت ۽ تقاضا بابت وضاحت پيش ڪئي.

سينيٽ پاران خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري، پي ٽي آءِ جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ کانپوءِ سينيٽ به خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. ٺهراءُ منظور ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

هاڻي اسان جي پاليسي قنڌار، جلال آباد ۽ ڪابل مان نه، اسلام آباد مان ايندي: گورنر ڪي پي

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي صوبي جي امن بابت سوچڻو پوندو، هاڻي اسان جي پاليسي قنڌار، جلال آباد ۽ ڪابل مان نه، پر اسلام آباد مان ايندي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گذريل 13 سالن کان اهي دهشتگرديءَ خلاف پاليسيءَ جي ذميواري قبول نه ڪندا هئا، پر هاڻي اسان اها ذميواري کڻنداسين. هن چيو ته صوبي ۾ ترقياتي ڪم به ڪرايا ويندا، پر امن قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح هوندي.

پي ٽي آءِ پاران ڪي پي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسيءَ جو نفاذ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسيءَ جي نفاذ کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪري جمهوري حڪومت ختم ڪئي وئي آهي، اميد آهي ته عدالت صوبي ۾ جمهوري حڪومت بحال ڪندي.هن چيو ته عدالت کي درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجي آئيني ۽ قانوني جدوجهد جاري رکندي.

اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي پي ٽي آءِ کي ٻيهر ڳالهين جي آڇ

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته هو اڄ به ڳالهين لاءِ تيار آهن.اياز صادق جو چوڻ هو ته ڳالهين کي ڪنهن ناڪام بڻايو، اهو سڀني کي خبر آهي، ان معاملي تي جيترو گهٽ ڳالهايو وڃي، اوترو بهتر آهي.هن ٻڌايو ته حڪومت جو وفد سندس چيمبر ۾ موجود هو، جڏهن ته مخالف ڌر جو وفد ڪميٽي روم ۾ ويٺل هو. اوهان خوشيون ملهائي رهيا هئا ته معاهدو ٿي ويو آهي، پر اوچتو علامه ناصر عباس اچي چيو ته افسوس آهي، معاهدو نٿو ٿي سگهي.

هڪ شخص افغانستان ۾ ويهي ڪي پي حڪومت هلائي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو: خواجا آصف

اسلام آباد: بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسيءَ جي نفاذ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف صوبائي حڪومت جو موقف ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو سبب بڻيو. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ڳالهين دوران هڪ مسودو صحيح ٿيو هو، پر ويٽو جو اختيار هڪ روپوش شخص وٽ هو. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ شخص افغانستان ۾ ويهي خيبر پختونخوا جي حڪومت هلائي رهيو هجي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو.بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته باني سان ملاقات نٿي ٿئي، پر ملاقاتون ٿينديون آهن، رڳو انهن کي ظاهر نه ڪيو ويندو آهي.

سهيل آفريدي ڪمري ۾ اڪيلو هو، دروازو ڀڃي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

خيبر پختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير سهيل آفريدي، صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، جنيد اڪبر ۽ ٻين کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب پوليس 11 آڪٽوبر تي منجهند 12 وڳي ڪارروائي شروع ڪئي ۽ سهيل آفريدي کي وڏي وزير جي هائوس ۾ سندس ڪمري مان حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو. سهيل آفريدي ان وقت ڪمري ۾ اڪيلو هو ۽ ڪمري جو دروازو ڀڃيو ويو. سرڪاري ذريعن موجب سهيل آفريدي کي نه هٿڪڙيون لڳايون ويون ۽ نه ئي کيس قيدين واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو. هو پوليس آفيسرن سان گڏ ڪمري ۾ 45 منٽن تائين موجود رهيو، جتي ساڻس ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ذريعن موجب هڪ پوليس آفيسر سهيل آفريدي کان پڇيو ته هو لانگ مارچ ۾ ڪٿي تائين وڃڻ چاهي پيو، جنهن تي سهيل آفريدي جواب ڏنو ته لانگ مارچ اسلام آباد وٺي وڃڻ جو ارادو نه هو. سهيل آفريدي موجب رات جو مولانا فضل الرحمان جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿي وئي هئي ۽ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ ۽ کيس اسپتال منتقل ڪرڻ جا مطالبا مڃي ورتا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سهيل آفريدي وڌيڪ ٻڌايو ته پارٽي اڳواڻن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ هدايت ملندي ئي لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻو هو. ٻئي طرف ذريعن موجب خيبر پختونخوا اسيمبليءَ جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، جنيد اڪبر ۽ خالد خورشيد کي اسپيڪر هائوس مان حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي ڪارروائي ٻن ڪلاڪن اندر مڪمل ڪئي وئي.

ڪي پي ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو، حڪومت جا سمورا نوٽيفڪيشن رد ڪريون ٿا: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو آهي، حڪومت جا سمورا نوٽيفڪيشن رد ڪريون ٿا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اوهان هڪ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو آهي، اسان اوهان جا سمورا نوٽيفڪيشن رد ڪريون ٿا، اوهان جمهوريت تي راتاهو هنيو آهي. هن چيو ته جتي اوهان ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، اتي دهشتگردن جي پويان ڪو ٻيو لڪي رهيو آهي. بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته اوهان سڄي پاڪستان کي غيرفعال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ اوهان دهشتگرديءَ جو بهانو ڳولي ورتو آهي. پاڪستان ۾ ڪٿي به دهشتگردي نه ٿيڻ گهرجي ۽ دهشتگردن کي ڪٿي به لڪڻ جي جاءِ نه ملڻ گهرجي.هن چيو ته بي ايل اي جي پويان ڀارت آهي ۽ ڀارت جي پويان بي ايل اي آهي.

ڪي پي ۾ اندروني بدامني ۽ ٻاهرين مداخلت سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو: قانون وارو وزير

اسلام آباد: خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت ٺهراءُ بحث لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري سوالن وارو وقفو معطل ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. اسپيڪر ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ ڪي پي ۾ ايمرجنسي بابت صدارتي حڪم نامي جي منظوريءَ وارو ٺهراءُ بحث لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته خيبر پختونخوا ۾ اندروني بدامني ۽ ٻاهرين مداخلت سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪي پي حڪومت جو دهشتگرديءَ خلاف رويو غيرسنجيده رهيو، جڏهن ته سهيل آفريدي پنهنجي سياسي ساک وڌائڻ کي ترجيح ڏني ۽ سيڪيورٽي فورسز توڙي عوام جي شهادتن کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته هڪ سياسي جماعت جي نظريي سبب دهشتگرديءَ کي هٿي ملي. ايمرجنسيءَ جي اعلان کانپوءِ ڏهن ڏينهن اندر پارليامينٽ جي منظوري لازمي هوندي آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪ فوج قربانيون ڏئي علائقي ۾ امن قائم ڪيو ۽ دهشتگرديءَ تي ضابطو آندو هو. 2024ع تائين دهشتگرديءَ جا 2,911 واقعا پيش آيا، جڏهن ته 15 آڪٽوبر 2025ع کان هيل تائين دهشتگرديءَ جا 3,787 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. غيرمعمولي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ غيرمعمولي قدم کڻڻ ضروري هئا. هن چيو ته سزا يافته شخص جي آزاديءَ لاءِ سڀ کان اهم فورم عدالت آهي، پر ٻئي پاسي اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا. صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جي خواهش تي ڳالهيون شروع ڪيون ويون ۽ حڪومت معاملن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. قانون واري وزير چيو ته قوم ڏٺو ته ٺاهه جي مسودي ۾ ڪيترائي ڀيرا ترميمون ڪيون ويون. حڪومت دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ پئي چاهيو، پر ٻئي پاسي کان پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ ساڻس ملاقاتن جا مطالبا ڪيا ويندا رهيا. هن سوال اٿاريو ته ڇا صوبائي حڪومت جو فرض ناهي ته اها شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت ڪري؟اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظرانداز ڪري وفاق تي چڙهائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ثالثيءَ جو ڪردار ادا ڪيو ويو ۽ معاملن کي جمهوري انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ بار بار ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته حڪومت مسلسل واضح ڪندي رهي ته دهشتگردي قومي سلامتيءَ جو معاملو آهي، پر ٻئي پاسي کان چيو ويو ته پهرين پي ٽي آءِ باني لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن، باقي معاملن تي پوءِ ڳالهائينداسين. وفاقي وزير الزام لڳايو ته سهيل آفريدي صوبي کي ٻرندو ڇڏي ملڪ جي دوري تي نڪري ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به گرفتار شخص کي آزاد ڪرڻ جو اختيار عدالت وٽ آهي، جڏهن ته رحم جي اپيل تي صدر مملڪت پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان کي سياست کان وڌيڪ رياست عزيز آهي، خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو خوشيءَ سان نه، پر آخري حل طور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو