پي ٽي آءِ جي پاليسين سبب ترقي ڪندڙ معيشت کي خطرا هئا: وزيراعظم

پي ٽي آءِ جي پاليسين سبب ترقي ڪندڙ معيشت کي خطرا هئا: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي طرزِ عمل سبب پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت کي خطرا لاحق هئا، جڏهن ته دهشتگردي خلاف واضح موقف اختيار نه ڪرڻ سان ملڪي معيشت تي خراب اثر پئجي رهيا هئا. وزيراعظم سان مسلم ليگ (ق)، بي اي پي، آءِ پي پي ۽ مسلم ليگ (ضيا) جي پارلياماني وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهباز شريف وفد کي خيبرپختونخوا جي صورتحال بابت اعتماد ۾ ورتو.جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم چيو ته گورنر خيبرپختونخوا جي مدد لاءِ ٽيڪنوڪريٽ ايڊوائزري ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا صوبي جي معاشي بهتري ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندي. هن الزام هنيو ته خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت نه ته دهشتگردي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ نه ئي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي. سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جا ڪيترائي اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته گذريل 13 سالن دوران عوام جي ڀلائي لاءِ گهربل ڪم نه ڪيا ويا. شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خيبرپختونخوا کي 800 ارب رپيا فراهم ڪيا، پر صوبائي حڪومت ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ ناڪام رهي. ٻئي طرف پارلياماني وفد وفاقي حڪومت سان گڏ بيهڻ جي خاطري ڪرائيندي ڏکين حالتن ۾ ملڪ جي قيادت ڪرڻ تي وزيراعظم جي ڪردار کي ساراهيو.

معاهدو ٿي وڃي ها ته ايمرجنسي لاڳو نه ٿئي ها: محسن نقوي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيڪڏهن لاڳاپيل ڌريون ان ڏينهن معاهدي تي پهچي وڃن ها ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي نوبت نه اچي ها. هن چيو ته ڪو به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ نه پيو چاهي، پر سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڳالهين جي شروعات ئي دهشتگردي جي معاملي تان ٿي هئي، جنهن دوران ان حوالي سان 7 کان 8 نڪتا بحث هيٺ آيا. سندس چوڻ هو ته اسد قيصر انهن نڪتن تي پاڪستان سان گڏ بيهڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر هن کي ٻڌايو ويو ته سندس ۽ خيبرپختونخوا حڪومت جو موقف مختلف آهي. گهرو وزير موجب، ڳالهين دوران چوٿون ڀيرو ڇهه تبديليون تجويز ڪيون ويون، جيڪي قبول ڪيون ويون. سمورا معاملا طئي ٿيڻ بعد لکيل مسودو وڏي وزير حوالي ڪيو ويو، جنهن اهو مراد سعيد ڏانهن موڪليو، جنهن کان پوءِ ٻن ڏينهن جي محنت ضايع ٿي وئي. هن چيو ته ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جا آپشن 26 نومبر تي به موجود هئا، پر حڪومت پهرين ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آئيني ڀڃڪڙي بابت اعتراضن تي محسن نقوي چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي آئين جي لاڳاپيل شقن جو جائزو ورتو، پر سندن نظر ۾ ڪا آئيني ڀڃڪڙي نه ٿي آهي. هن چيو ته قانوني قدم کي صحيح يا غلط قرار ڏئي سگهجي ٿو، پر حڪومت ان کي درست سمجهي ٿي.

خيبرپختونخوا ۾ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي: علامه ناصر عباس
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه ناصر عباس چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ بنيادي انساني حقن جي صورتحال پڻ ڳڻتي جوڳي آهي.سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري اسلامي ملڪ آهي، بادشاهت نه، ۽ آئين وفاق کي متحد رکڻ جو بنياد آهي.علامه ناصر عباس چيو ته آئين جي روح خلاف ترميمون ڪرڻ غلط آهي، جڏهن ته ماڻهن کي هراسان ڪرڻ ۽ اغوا ڪري آئيني ترميمون منظور ڪرائڻ به درست عمل نه آهي.هن رانا ثناءُالله کي مخاطب ٿيندي چيو ته مخالف ڌر کي سينيٽ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ کي ڏوهه نه سمجهڻ گهرجي.

پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ گورنر راڄ جي قرارداد جي حمايت ڪندي
پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي موجوده صورتحال ۽ گورنر راڄ بابت حڪومتي قدم تي پارٽي جي موقف جو جائزو ورتو ويو.

پارليامينٽ تي حملو ڪري وزيراعظم کي ٻاهر ڪڍڻ منصوبو هو: نبيـل گبول
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيـل گبول الزام هنيو آهي ته پارليامينٽ تي حملو ڪري وزيراعظم کي ٻاهر ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پاڻ ڏکي صورتحال پيدا ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين ڪوششون ڪيون ۽ ڀرپور موقعو ڏنو. نبيـل گبول چيو ته کيس حيرت ٿي جڏهن خبر پئي ته وڏي وزير دهشتگردي بابت ڳالهين ۾ اتفاق نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس صدر آصف علي زرداري سان سٺا لاڳاپا آهن.

سهيل آفريدي حراست ۾ آهي ته اهو غلط عمل آهي: بيرسٽر گوهر
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي حراست ۾ آهي ته اهو انتهائي غلط عمل آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن چونڊيل وڏي وزير کي اهڙي طريقي سان هٽائي سگهجي ٿو؟
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته سهيل آفريدي سندن وڏو وزير آهي ۽ کيس پارٽي باني جي حمايت حاصل آهي.
رابطن بابت سوال تي هن چيو ته کيس خبر ناهي ته صحافين جو رابطن واري معاملي تي ڪهڙو اعتراض آهي.

دهشتگردن جو مطالبو بلوچستان کي ڌار ڪرڻ آهي، ڳالهين جي گنجائش ڪيئن هوندي؟: رانا ثناءُالله
وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو آهي ته قومي اسيمبلي خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت قرارداد منظور ڪندي، جڏهن ته صوبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگردن جو هڪ مطالبو بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ آهي، تنهن ڪري ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙن سان ڳالهين بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ قدم مجبوريءَ تحت کنيا ويا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ امن امان جي بهتري حڪومت جي ترجيح آهي.

گورنر راڄ آئيني ضرورت تحت لاڳو ڪرڻو پيو: حسن مرتضيٰ
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو آهي ته گورنر راڄ ڪو خوشگوار قدم نه آهي، پر آئيني ضرورت تحت لاڳو ڪرڻو پيو. هن چيو ته صدر مملڪت به سمري تي ڳري دل سان صحيح ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي حسن مرتضيٰ چيو ته سياسي نقصان جي امڪان باوجود رياست سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته ڇا بدامني ۽ غنڊه راڄ، گورنر راڄ کان بهتر هو؟ هن الزام هنيو ته سهيل آفريدي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار نه هو ۽ وفاق سان سهڪار نه ڪرڻ سبب صوبي جي بهتري متاثر ٿي.

خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي جو مقصد سياسي نه، انتظامي آهي: طارق فضل چوڌري
وفاقي وزير پارلياماني معاملن طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت اهو تاثر ڏيڻ نٿي چاهي ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي سياسي مقصدن لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اهو قدم انتظامي نوعيت جو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وفاق پاران گهريل سهڪار تي خيبرپختونخوا حڪومت راضي نه هئي، جڏهن ته صوبي جا 12 ضلعا دهشتگردي کان سخت متاثر هئا. طارق فضل چوڌري موجب، ٽيڪنوڪريٽن کي ذميواريون ڏيڻ جو مقصد انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته جيستائين صوبي ۾ امن قائم نه ٿيندو، تيستائين ترقي جو عمل مڪمل نه ٿي سگهندو.

اپوزيشن اڳواڻ محمود اچڪزئي کي اسپيڪر چيمبر ۾ ملاقات جي ٻيهر دعوت
وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي کي ٻيهر اسپيڪر جي چيمبر ۾ ملاقات لاءِ دعوت ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي لاءِ برابر آهي ۽ سردار اياز صادق غيرجانبدار ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪي مفاد ۽ آئيني معاملن تي ڳالهين لاءِ هنڌ اهميت نٿو رکي، تنهن ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻ کي اسپيڪر جي چيمبر ۾ اچي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ لاءِ به اسپيڪر کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، ۽ اسپيڪر جي رويي سبب مخالف ڌر جي اڳواڻ کي سندس چيمبر ۾ اچڻ بابت ڪا شڪايت نه رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو