ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شنگهائي ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان سنڌ ۾ صنعتي ترقي، معاشي سرگرمين ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪانفرنس دوران سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ چيني سيڙپڪارن سان ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ قدرتي وسيلن، توانائي، زراعت، معدنيات، ٽرانسپورٽ، بنيادي ڍانچي ۽ صنعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع امڪان موجود آهن، جن مان فائدو حاصل ڪرڻ سان صوبي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفرنس ذريعي نيون صنعتون قائم ڪرڻ، موجوده صنعتي يونٽن کي وڌائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ مقامي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. ان سان گڏ سنڌ جي معاشي صلاحيت کي عالمي سيڙپڪارن آڏو پيش ڪرڻ ۽ گڏيل سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ جا موقعا پڻ ملندا. سينيئر وزير موجب، چيني سيڙپڪاريءَ سان سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالاجي، صنعتي مهارتن ۽ جديد پيداواري طريقن جي منتقليءَ جا امڪان وڌندا، جنهن سان مقامي صنعتن کي فائدو پهچي سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر جي قدرتي وسيلن، صنعتي زونن ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ چيني سيڙپڪارن سان ڀائيواري اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. شنگهائي ڪانفرنس ذريعي چيني سيڙپڪارن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ عملي سيڙپڪاريءَ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.










