احمق چون پيا ته چين ۽ روس ايران جي مدد ڪن پيا: ٽرمپ

احمق چون پيا ته چين ۽ روس ايران جي مدد ڪن پيا: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته انتهاپسند کاٻي ڌر جا احمق دعويٰ ڪري رهيا آهن ته چين ۽ روس ايران جي مدد ڪري رهيا آهن، پر کيس ان ڳالهه تي بلڪل به يقين ناهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ انهن اطلاعن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ چيو پيو وڃي ته روس ۽ چين ايران کي وڏي پيماني تي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. پنهنجي سماجي رابطن واري پليٽفارم ’ٽروٿ سوشل‘ تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ مخالفن جي دعوائن جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ مدد ڪري به رهيا آهن ته اها انتهائي محدود سطح تي ٿي سگهي ٿي، پر کيس يقين ناهي ته اهي ائين ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر موجب ماسڪو ۽ بيجنگ وٽ وڃائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، تنهن ڪري کيس نٿو لڳي ته اهي تهران جي مدد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ايران کي ڪنهن قسم جي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ها ته واشنگٽن کي ان جي ڄاڻ پئجي وڃي ها، بلڪه تمام جلد خبر پئجي وڃي ها. ٽرمپ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن روس ۽ چين ايران جي مدد ڪئي ته کين ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي ٿي. واضح رهي ته ٽرمپ جولاءِ ۾ به چيو هو ته کيس يقين آهي ته چين ۽ روس ايران سان جاري جنگ ۾ تهران جي مدد نه ڪندا. تنهن هوندي به هن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن تڪرار ۾ مداخلت ڪئي ته ان جا نتيجا سندن لاءِ خراب ثابت ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو