لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فضائي گدلاڻ وارن شهرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي. عالمي ماحولياتي ويب سائيٽ موجب لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس (AQI) جي مجموعي سطح 199 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب گلبرگ ۾ سي اي آر پي آفيس وٽ فضائي گدلاڻ جي سطح 300 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪاهنه نو ۾ 244، برڪي روڊ تي 224، ماڊل ٽائون ۾ 220 ۽ ڊي ايڇ اي جينس واري علائقي ۾ 201 اي ڪيو آءِ رڪارڊ ڪيو ويو. فضائي گدلاڻ ۾ واڌ سبب لاهور جي ماحولياتي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتيءَ جوڳي بڻجي وئي آهي.










