ملتان، رحمان بابا ريل گاڏي حادثي جو شڪار، 6 مسافر فوت

ملتان، رحمان بابا ريل گاڏي حادثي جو شڪار، 6 مسافر فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ شير شاهه پل ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جون سڀئي 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه مسافر فوت ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ذريعن موجب ٽرين ڪراچيءَ کان پشاور وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي. واقعي کانپوءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. حادثي کان متاثر ٿيل مسافر پنهنجو سامان کڻي ريلوي پٽڙيءَ جي ڀرسان موجود آهن، جڏهن ته اپ ٽريڪ تي ٽرينن جي آمدرفت بند ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب زخمين کي نشتر اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته امدادي ٽرين پڻ حادثي واري هنڌ پهچي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف رحمان بابا ايڪسپريس جي بوگين جي پٽڙيءَ تان لهڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي فوري طور بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو