رياض حملي ۾ پاڪستاني سميت 13 مارجي ويا، 308 زخمي

رياض حملي ۾ پاڪستاني سميت 13 مارجي ويا، 308 زخمي

رياض(ويب ڊيسڪ) رياض هوائي اڏي تي حوثين جي حملن ۾ مري ويلن جو انگ 13 ٿي ويو آهي جن ۾ هڪ پاڪستاني شهري، 2 بنگلاديش ۽ هڪ انڊيا جو آهي.
ڇنڇر ۽ آچر تي ٿيل حملن ۾ سعودي عرب، آمريڪا، اردن، سوڊان جا شهري به مارجي ويا هئا. 308 زخمين ۾ به درجن ڀر پاڪستاني شامل آهن.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف حملي جي مذمت ڪندي پاڪستاني شهرين جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ تي افسوس ظاهر ڪيو آهي.
حوثي باغين جا حملا سومر تي به جاري آهن ۽ سعودي اختيارين موجب خميس ۽ مشيط تي فائر ڪيل ميزائيل سعودي ڊفينس سٽم ناڪام بڻائي ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو