بنون (ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخوا ۾ فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن، ضلعي بنون ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشن دوران هڪ خارجي دهشتگرد مارجي ويو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، تصديق ٿيل اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز بنون ضلعي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هڪ خارجي دهشتگرد مارجي ويو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ خوارج جي موجودگي ۽ سندن چرپر تي سخت نظر رکي پئي وڃي.










