ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ قلم 144 تحت گڏجاڻين، جلسن ۽ احتجاجن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪا 20 آڪٽوبر تائين برقرار رهندي. ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پابنديءَ جو اطلاق ڪراچي ڊويزن جي سمورن علائقن ۾ ٿيندو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال بابت خدشن سبب پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.










