بصر ۽ مرچ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي ، ڪڻڪ جو اگهه مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ مان بصرن ۽ ساون مرچن جي پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي هڻندي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ ساڍا ٻياسي لک ٽن جي خريداري جو ٽارگٽ مقرر ڪيو آهي. ڪميٽي ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1365 روپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. اي سي سي چيو ته ڪڻڪ جي بحران جي صورت ۾ 5 لک ٽن فوري طور تي گهرائڻ جي منظوري به ڏني وئي. اربع تي ناڻي بابت وزيراعظم جي مشير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي پنجاب ٿرمل پاور بورڊ پاران تريمو بيراج تي تعمير ٿيندڙ 1263.2 ميگا واٽ جي بجلي گهر لاءِ سئي ناردرن کان گيس جي فراهمي بابت گيس دستياب هجڻ جي شرط تي فراهمي بابت معاهدي جي به منظوري ڏني. ان کان اڳ بلوڪي ۽ حويلي بهادر شاهه ۾ لڳل پاور هائوسز کي ايل اين جي فراهم ڪرڻ جو جيڪو معاهدو ٿيو هو ان ۾ چيو ويو هو گهربل مقدار ۾ گيس جي رقم فڪس ڪئي وئي هئي پوءِ چاهي پاور هائوس گيس استعمال ڪري يا نه پر هو پئسا ادا ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو