گورنر جي ايڊوائيزري ڪائونسل جا 11 ميمبر ڪير آهن؟

گورنر جي ايڊوائيزري ڪائونسل جا 11 ميمبر ڪير آهن؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبرپختونخوا ۾ هنگامي حالت ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت 11 ميمبرن تي ٻڌل ٽيڪنوڪريٽس مشاورتي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي آهي.
هي ڪائونسل خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ جي مدد ڪندي، جيڪو هاڻي وفاقي حڪومت جي طرفان صوبي جا انتظامي معاملا هلائي رهيو آهي. ڪائونسل صوبي جي حڪومت جا اختيار استعمال ڪرڻ ۽ مختلف شعبن جا معاملا هلائڻ ۾ گورنر جي معاونت ڪندي.
وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ موجب، هن ڪائونسل ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻيءَ واري صوبائي حڪومت جي ڀيٽ ۾ ”قابل ۽ اهل“ شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڪفايت الله خان
ڪفايت الله خان کي صوبي جي گهرو کاتي جي معاملن جي نگرانيءَ جي ذميواري ڏني وئي آهي. هو اڳ ۾ خيبرپختونخوا جي جيلن جو انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) ۽ فاٽا ٽربيونل جو چيئرمين رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ هو گهرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ مردان جو اڳوڻو ڪمشنر پڻ آهي.
طارق محمود پاشا
وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو اڳوڻو چيئرمين طارق محمود پاشا صوبي جي مالي معاملن جي نگراني ڪندو. هن کي 2017ع ۾ ايف بي آر جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. کيس ان وقت جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو اعتماد جوڳو ساٿي پڻ قرار ڏنو ويندو هو. هو اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري ۽ وزيراعظم جو ناڻي بابت خاص معاون پڻ رهي چڪو آهي.
عامر جاويد
سپريم ڪورٽ جو وڪيل عامر جاويد قانوني معاملن ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر کي صلاحون ڏيندو. 2023ع ۾ کيس خيبرپختونخوا جو ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو هو. ان وقت هو پاڪستان جو ايڊيشنل اٽارني جنرل پڻ هو. ان کان اڳ هو ڊپٽي اٽارني جنرل طور به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 2024ع جي عام چونڊن کانپوءِ هن ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.
سيد عامر عبدالله
سيد عامر عبدالله خيبرپختونخوا ۾ تعليم سان لاڳاپيل معاملن جي ذميواري سنڀاليندو. هو اڳوڻي نگران صوبائي وزير طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي ماهرن واري ڪميٽيءَ جو اڳوڻو ميمبر پڻ آهي. هن بين الاقوامي لاڳاپن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
نگار جوهر خان
مشاورتي ڪائونسل ۾ ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) نگار جوهر خان کي به شامل ڪيو ويو آهي. سندس زندگي ۽ فوجي خدمتن تي پاڪستان ۾ فلم ”هڪ آهي نگار“ پڻ ٺاهي وئي آهي. نگار جوهر آرمي ميڊيڪل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. هن وٽ فيملي ميڊيسن ۾ ايم سي پي ايس، جديد طبي انتظاميا ۾ ايم ايس سي ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرز جون ڊگريون آهن. هوءَ هنگامي حالتن ۾ اسپتالن جي تياريءَ بابت قومي سطح جي تربيت ڏيندڙ پڻ رهي آهي. نگار جوهر پاڪستاني فوج ۾ ٽن ستارن واري عهدي تي ترقي ماڻيندڙ پهرين عورت آفيسر آهي. ان کانسواءِ هوءَ فوجي اسپتال جي سربراهه مقرر ٿيندڙ پهرين عورت آفيسر پڻ رهي آهي. هن برگيڊيئر جي عهدي تي جهيـلم جي ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جي سربراهي ڪئي. بعد ۾ جڏهن کيس اعليٰ فوجي عهدي تي ترقي ڏني وئي، تڏهن هوءَ راولپنڊيءَ جي ملٽري اسپتال جي ڪمانڊ ڪري رهي هئي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس تمغه امتياز (ملٽري) ڏنو ويو. پاڪستان جي وزيراعظم طرفان آرمي ميڊيڪل ڪور ۾ نمايان خدمتن تي فاطمه جناح گولڊ ميڊل پڻ مليو. هلندڙ سال جي شروعات ۾ کيس هلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو.
سرفراز علي شاهه
سرفراز علي شاهه کي مائنز اينڊ منرلز کاتي جي معاملن جي نگراني سونپي وئي آهي. هو خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو رٿابندي ۽ ترقي بابت صلاحڪار رهيو. هن معاشيات ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
محمد ارشاد
مشاورتي ڪائونسل ۾ ايف بي آر جو هڪ ٻيو اڳوڻو چيئرمين محمد ارشاد پڻ شامل آهي. کيس صنعتن ۽ واپار سان لاڳاپيل معاملن جي نگرانيءَ جي ذميواري ڏني وئي آهي. هو پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽيءَ جي انتظامي بورڊ جو ميمبر پڻ آهي ۽ هن ناڻي جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
آصف رفيق
خيبرپختونخوا جي اڳوڻي نگران وزير آصف رفيق کي مواصلات ۽ تعميرات واري کاتي جي نگراني سونپي وئي آهي.
مولانا محمد طيب قريشي
خيبرپختونخوا جو چيف خطيب مولانا محمد طيب قريشي مذهبي معاملن ۾ گورنر کي صلاحون ڏيندو. هو پشاور جي جامعه اشرفيه جو منتظم ۽ پشاور جي مشهور مسجد مهابت خان جو امام پڻ آهي.
عثمان سيف الله خان
عثمان سيف الله خان کي توانائيءَ سان لاڳاپيل معاملن جي نگرانيءَ جي ذميواري ڏني وئي آهي. هو غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر آهي. هو اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جو پوٽو ۽ اڳوڻو سينيٽر پڻ آهي. ان کانسواءِ هو پاڪستان اسٽيٽ آئل جي بورڊ آف مئنيجمينٽ جو اڳوڻو ميمبر ۽ آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي خيبرپختونخوا شاخ جو اڳوڻو چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي.
ثمر هارون بلور
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر ثمر هارون بلور کي اطلاعات ۽ نشريات بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. هوءَ صوبائي معاملن بابت مشاورتي ڪائونسل ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي شعبي جي ذميواري سنڀاليندي.

پهنجو تبصرو موڪليو