دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ نوجوانن جي اڳواڻيءَ هيٺ هلندڙ آن لائن ”ڪاڪروچ“ تحريڪ جي باني ۽ ٻن ٻين اڳواڻن کي آچر ڏينهن آزاد ڪيو ويو آهي. سندن وڪيل موجب، چونڊ ڪمشنر خلاف وڏي احتجاج کي روڪڻ لاءِ کين هڪ ڏينهن اڳ حراست ۾ ورتو ويو هو.
تحريڪ جي اڳواڻن موجب، ڇنڇر ڏينهن نئين دهلي ۾ رٿيل احتجاج کان اڳ هزارين مظاهرين کي حراست ۾ ورتو ويو. اهو احتجاج ڪيترن ئي هفتن کان جاري مخالف ڌر جي تحريڪ جو اهم مرحلو هو، جيڪا ملڪ گير ووٽرن جي فهرست تي نظرثاني دوران مبينا بي ضابطگين جي الزامن کانپوءِ شروع ٿي هئي.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي باني اڀيجيت ديپڪي ۽ ٻن ٻين اڳواڻن کي ممبئيءَ کان گاديءَ واري شهر پهچڻ کانپوءِ جهاز مان لهڻ کان اڳ ئي حراست ۾ ورتو ويو.
سي جي پي جي وڪيلن جي سربراهه رتنا سنگهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ديپڪي ۽ ٻين ٻن اڳواڻن کي ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته کين ان شرط تي آزاد ڪيو ويو آهي ته اهي هڪ سال تائين ”امن امان ۾ خلل نه وجهندا“.
خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي جي رپورٽرن ڏٺو ته اڇي قميص پهريل ديپڪي عدالت مان ٻاهر نڪرڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ ڪاري گاڏيءَ ۾ روانو ٿي ويو.
سي جي پي ۽ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڇنڇر ڏينهن اختيارين نئين دهليءَ ۾ وڏي پيماني تي سيڪيورٽي آپريشن ڪيو ۽ هزارين ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، ته جيئن مظاهرين کي شهر جي جنتر منتر واري احتجاجي هنڌ تي گڏ ٿيڻ کان روڪي سگهجي.
احتجاج جو مقصد ڀارت جي اليڪشن ڪميشن جي سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ هو. اهو مطالبو ملڪ گير ووٽرن جي فهرستن تي نظرثاني جي معاملي تي ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، نظرثاني جي عمل دوران چونڊن جي فهرستن مان 13 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ نالا خارج ڪيا ويا.
چونڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته ان عمل جو مقصد ووٽرن جي فهرستن مان هڪ ئي ماڻهوءَ جا ورجايل نالا، فوت ٿيل ماڻهن جا نالا ۽ جعلي داخلا ختم ڪرڻ هو.
تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ان عمل جو اثر اقليتن، خاص طور مسلمانن، تي وڌيڪ پيو آهي، جنهن سان وزيراعظم نريندر مودي جي حڪمران هندو قومپرست جماعت ڀارتيه جنتا پارٽيءَ کي ممڪن طور فائدو پهچي سگهي ٿو.
ڀارت جي اليڪشن ڪميشن بي ضابطگين جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ گرفتارين تي مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ ٻين حلقن سخت تنقيد ڪئي. مخالف ڌر جي اڳواڻن مودي حڪومت تي اختلاف راءِ کي دٻائڻ جو الزام لڳايو.
جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر نئين دهليءَ ۾ ”غيرقانوني طور حراست ۾ ورتل“ سڀني ماڻهن کي فوري ۽ بنا ڪنهن شرط جي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي ٻنهي حڪومتي ڪارروائي باوجود احتجاج جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.
راهول گانڌي چيو ته سندس ڪانگريس پارٽي ۽ ملڪ جا نوجوان سومر ڏينهن ٻيهر وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪرندا.
هن چيو ته ”مودي ۽ سندس حڪومت جيتري وڌيڪ سختي ڪندي، اوترو ئي نوجوان نسل ۽ شاگردن ۾ ڪاوڙ وڌندي.“










