خليج عمان ۾ آمريڪا جو مال بردار سامونڊي جهاز تي حملو

خليج عمان ۾ آمريڪا جو مال بردار سامونڊي جهاز تي حملو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)خليج عمان ۾ آمريڪي جنگي جهاز مال بردار سامونڊي جهاز تي حملو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) موجب، پاناما جو جهنڊو کڻي هلندڙ مال بردار جهاز ايم وي اوشن موليڪا بار بار ڏنل خبردارين کي نظرانداز ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي ناڪابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش تي ان کي نشانو بڻايو ويو.
سينٽ ڪام موجب، حملي جي نتيجي ۾ سامونڊي جهاز ناڪاره ٿي ويو، پر عملي جي ڪنهن به ميمبر کي ڪو نقصان نه پهتو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ وڌيڪ ٻڌايو ته مال بردار جهاز ايران جي هڪ بندرگاهه تان روانو ٿيو هو ۽ آمريڪي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو