غريب گهراڻي جي امير سوچ وارو انسان، عبدالواحد آريسر

غريب گهراڻي جي امير سوچ وارو انسان، عبدالواحد آريسر

ليکڪ : آزاد انور مهر
جنهن سياست ۾ ماڻهو ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي وڃن، اتي هڪ اهڙو ماڻهو به هو، جيڪو اڌ صديءَ جي سياسي جدوجهد کانپوءِ به ڪکائين جهڳيءَ ۾ رهيو، جنهن جي ڪردار جي دولت آڏو وڏن وڏن سرمائيدارن جا خزانا به نيچ هئا. جنهن وٽ نه اقتدار هو، نه دولت جو داٻو، پر وٽس اهو ضمير هو جنهن کي نه دنيا جي لالچ خريد ڪري سگهي، نه تشدد ۽ طاقت ٽوڙي سگهي. وقت جي واءُ هن جي وار ۽ ڪردار کي لوڏي نه سگهي اهو ماڻهو عبدالواحد آريسر هو، جنهن 11 آڪٽوبر 1949 تي عمر ڪوٽ جي ڳوٺ وائوڙي ۾ جنم ورتو.
عبدالواحد آريسر رڳو جيئي سنڌ جي سياست جو اڳواڻ نه پر سنڌ جي مفادن جو رکوالو ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جو اهڙو محافظ هو، جنهن جي ڪردار جي پاڪائيءَ جي گواهي وقت ۽ تاريخ پاڻ ڏيندا. سنڌ جي قومي سياست ۾ اهڙا ڪيترائي اڳواڻ آيا، جن سيد جي فڪر جي وارث هئڻ جون دعوائون ڪيون، پر وقت جي تيز واءُ ۾ سندن نظرين جا وار بعد ۾ ڪجهه وکريل نظر آيا.
ڪي ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا، ڪي اقتدار جي ايوانن تائين پهتا، ڪي ڪامورا بڻيا، ڪن جيئي سنڌ جي نالي مان لفظ ”جيئي“ ئي ڪڍي ڇڏيو، ته ڪن کي قومي جهنڊي مان ڪهاڙي ڪڍڻ جو خيال اچي ويو. ڪي دولت ۽ طاقت جي چمڪ ۾ پنهنجي فڪري سڃاڻپ ئي وڃائي ويٺا، ته ڪي آزاديءَ جي منزل تان موٽ کائي وچون رستو وٺي بيٺا. پر عبدالواحد آريسر انهن ماڻهن مان هو، جن جي زندگيءَ جو رخ نه دولت موڙي سگهي، نه لالچ لوڏي سگهي ۽ نه ئي تشدد ۽ طاقت جو طوفان کيس پنهنجي واٽ تان هٽائي سگهيو.
هن جي سموري سياسي زندگيءَ جي ڪل ڪهاڻيءَ ۽ جمع پونجي اها ڪکائين جُهڳي، جنهن ۾ ڪانهن جي ڪکن ۾ ان انسان جي عظمت لڪل هئي، هُن وٽ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ دولت جا ڍير زمينون نه هيون، پر ضمير جي آڏو سرخرو ٿيڻ لاءِ هڪ بي داغ ڪردار ضرور هو. سندس وفات کان پوءِ پويان ڇڏيل ملڪيت جي ڳالهه ڪجي ته سندس کيسي ۾ پيل چند سئو رپين کان سواءِ ڪا اهڙي دولت نه هئي، جنهن کي ڏسي دنيا جا ماڻهو حيران ٿين، پر سندس فڪري ورثو ايترو وسيع هو جو ان جي آڏو دولت جا وڏا وڏا مينار به ننڍا لڳندا آهن.
آريسر صاحب تنقيد کان مٿانهون ناهي ۽ سندس زندگي جا ڪجهه ذاتي عمل يا فعل اهڙا ٿي سگهن ٿا جن تي سندس ناقد تنقيد به ڪندا رهندا آهن پر مجموعي طور سندس قومي ڪردار انهن اوڻاين تي حاوي هو. هو نهايت سادگي پسند انسان ڪوڙي ڏيکاءُ اجائي رعب کان پري گهڻو پري هو، هن جي تقرير ماڻهن کي متوجهه ڪندي هئي هو ڳالهائيندو هو ته سَنَ ۾ هزارين ماڻهن جا ڀريل پنڊال سُنُ ٿي ويندا هئا، هن جي گفتگو غضب هن تقرير ۾ طاقت هئي نه ته جيئي سنڌ جي سياست ۾ اسي واري ڏهاڪي جا آخري ۽ نوي جو ڏهاڪو اهڙو عرصو هو، جڏهن سيد جي فڪر جا ڪيترائي دعويدار ماڻهن جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ جلسي گاهن ڏانهن ويندي ڪهاڙين جي سلامي وصول ڪندا هئا، ڪلاشنڪوفن جي ڪڙڪاٽن سان هنن جي آجيان ٿيندي هئي، اسٽيج تي پهچڻ شرط هزارين ماڻهو اٿي بيهي مسلسل تاڙين سان سندن استقبال ڪندا هئا. ماڻهن جا هشام، نعرا، پروٽوڪول ۽ طاقت جا مظاهرا سندن سياسي سڃاڻپ جو حصو بڻيل هئا. پر وقت جڏهن ڪسوٽي بڻجي سندن ڪردار کي پرکيو، تڏهن ڪيترائي چهرا پنهنجي ئي دعوائن جي سامهون بيهي نه سگهيا.
ڪالهه جيڪي سيد جي فڪر جا وارث سڏبا هئا، سي اڄ پنهنجي سوچ ۽ نظريي کي پٺي ڏئي دولت ۽ مفادن جي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاٿا. ان جي ابتڙ عبدالواحد آريسر پنهنجي فڪري واٽ تي ائين بيٺو رهيو، ڄڻ سندس پيرن هيٺان پُختي عزم جون پاڙون هجن. هن خليفي نبي بخش جي انهن سٽن جي سچائيءَ کي پنهنجي زندگيءَ سان ثابت ڪيو: ”ويا اڏامي ڪک پڙ تان، پهڻ نه چري.“
هو جتان هليو هو، لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جي سياسي سفر کان پوءِ به اتي ئي بيٺو رهيو ساڳئي فڪر سان، ساڳئي ويساهه سان ۽ ساڳئي سچائيءَ سان. جيڪڏهن هو ٻين جيان سياست کي ڪاروبار بڻائي ها، جيڪڏهن پنهنجي نظريي کي ذاتي مفادن جي بازار ۾ وڪڻي ڇڏي ها، ته شايد سندس حصي ۾ به دولت، بينڪ بيلنس، پروٽوڪول ۽ طاقت اچي وڃن ها. پر هن پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ بدران غربت کي قبول ڪيو، پنهنجي فڪر جي سچائيءَ کي دولت جي چمڪ تي ترجيح ڏني. سندس گودڙيءَ ۾ گل هئا، پر انهن گلن جي خوشبوءِ خريد ڪرڻ لاءِ نه دولت گهربل هئي، نه اقتدار اها خوشبوءِ سندس ڪردار، علم ۽ فڪري وفاداريءَ مان ڦُٽي نڪتي هئي.
معاشي طور هو مسڪين هو، پر نظريي جي دولت ۾ ايترو امير هو، جو دنيا جي دولت، سياسي دٻاءَ، تشدد، جيلن ۽ ٽارچر سيلن جون سختيون به سندس ايمان ۾ ڏار وجهي نه سگهيون. عام ماڻهو غربت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر آريسر کي پنهنجي سادگيءَ تي ناز هو. هو صحافين کي انٽرويو ڏيندي فخر سان چوندو هو ته مون کي خوشي آهي، جو اڄ به ڍوڍو پاڻيءَ جي ڍڪ ۾ ٻوڙي کائيندو آهيان، پر جي ايم سيد جي فڪر کي لڄايو نه اٿم.
آريسر صاحب جي طرز زندگي رڳو غريب ۽ سادگيءَ جو عملي اظهار نه پر هڪ ان انسان جي اندروني اميريءَ جو اعلان هئي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ پيٽ جي بک ته برداشت ڪئي، پر اصول جي بک کي ڪڏهن به دولت سان مٽائڻ نه ڏنو. سندس نظر ۾ غربت ڪا خواري نه هئي خواري اها هئي ته ماڻهو پنهنجي اصولن کي مفادن جي بدلي وڪڻي ڇڏي. سندس سچائي، ثابت قدمي ۽ ڪرپشن کان پاڪ سياسي سفر جو اندازو ان هڪ واقعي مان به لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هڪ ڀيري کيس اخبار ”برسات“ ۾ ڪالم لکڻ جو معاوضو مليو، ته هن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ان پئسي مان گهر لاءِ گوشت خريد ڪيو. پنهنجي دل تي هٿ رکو ۽ تصور ڪريو جنهن ماڻهو جي تقريرن ۾ هزارين ماڻهن کي ٻَڌي بيهارڻ جي سگهه هئي، تنهن جي زندگيءَ جي خوشيءَ جو هڪ وڏو سبب گهر لاءِ گوشت وٺي وڃڻ هو. مون جڏهن پهريون ڀيرو سندس انٽرويو ۾ ڪيل اها ڳالهه پڙهي ته مان رُنو هيس، منهنجي اندر اهو سوال ڪنهن ٻاٻري ڪنڊي جيان چُڀي رهيو ته ڇا سياست جو مقصد ذاتي دولت گڏ ڪرڻ آهي يا پنهنجي قوم جي شعور، حقن ۽ مستقبل لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ آهي؟
جيئن شهيد بشير خان قريشي سائين جي. ايم. سيد جي فڪر کي ڪاليج يونيورسٽين مان ڪڍي ميدانن تائين آڻڻ واري عملي جدوجهد جي علامت بڻيو، تيئن عبدالواحد آريسر ان فڪر کي ان دور ۾ ٿيندڙ کَٽ ڪچهرين ذريعي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ وستيءَ، جهر جهنگ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو الڳ ڪردار ادا ڪيو. هو لفظن جي لڄ رکڻ وارو اهڙو سيد جي فڪر جو محافظ هو، جنهن وٽ تلوار ۽ تشدد بدران دليل هئا، طاقت بدران فڪر هو ۽ ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ جو ڏانءُ هو. هن جون تقريرون ڪنن تائين پهچي دلين ۾ لهي وينديون هيون.
سندس مطالعي جو اندازو ان مان لڳايو ته هو سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندو هو ته ان علائقي جي تاريخ ايئين ٻڌائيندو هو جيڪا اتان جي رهندڙن کي به خبر نه هوندي هئي.
هو 3 مئي 2015 تي بظاهر ته اسان کي ڇڏي ويو پر سندس تقريرون، تبصرا، ڪالم ۽ انٽرويو اڄ به اسان سان گڏ هجڻ جو احساس ڏيارين ٿيون. سندس وڇوڙي کي يارنهن سال ٿيا آهن پر سندس زندگيءَ جو اهو سوال اڄ به اسان جي سامهون بيٺو آهي ته سياست ۾ اصل اميري ڪهڙي آهي؟ دولت گڏ ڪرڻ، طاقت حاصل ڪرڻ ۽ ماڻهن کان سلاميون وٺڻ، يا غربت ۾ رهي به پنهنجي ضمير کي دولت جي هر لالچ کان محفوظ رکڻ؟
آريسر پنهنجي جيئري توڙي وڇوڙي کانپوءِ به ڄڻ ان سوال جو جواب ڏئي ويو. دنيا جي نظر ۾ هو هڪ غريب انسان هو، پر ضمير جي دنيا ۾ سندس دولت جا ڪاٿا ئي ٻيا هئا. ٻاهرين دنيا جي حساب ڪتاب ۾ سندس نالو ڪنهن شاهوڪار جي فهرست ۾ نه ايندو، پر فڪر، سچائي ۽ نظرياتي وفاداريءَ جي افق تي چمڪندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو