اين سي سي آءِ اي لاءِ اهلڪار سنڌ پوليس کان طلب

اين سي سي آءِ اي لاءِ اهلڪار سنڌ پوليس کان طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائبر ڪرائيم جي ڪيسن جي جاچ لاءِ قائم نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ۾ افرادي قوت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس کان 100 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار گهري ورتا ويا آهن، جڏهن ته شروعاتي طور سنڌ پوليس جي 29 آفيسرن ۽ اهلڪارن جون خدمتون ايجنسي حوالي ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب، پوليس اهلڪارن جون خدمتون ڊيپوٽيشن جي بنياد تي اين سي سي آءِ اي حوالي ڪيون ويون آهن. ان جو مقصد سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ايجنسي جا مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ گهربل افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. اين سي سي آءِ اي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪيل اهلڪارن ۾ 3 انسپيڪٽر، 5 سب انسپيڪٽر، 3 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر، 6 هيڊ ڪانسٽيبل، 10 ڪانسٽيبل ۽ 2 ايل پي سي شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين سي سي آءِ اي سنڌ طرفان 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي ڊيپوٽيشن تي مقرري لاءِ باقاعده خط پڻ لکيو ويو هو، پر في الحال 29 آفيسرن ۽ اهلڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. اهي اهلڪار سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تجويز ڪيل اين سي سي آءِ اي مرڪزن جي قيام جي سلسلي ۾ مقرر ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو