صحافي احمر خان فرانسيسي پريس ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

صحافي احمر خان فرانسيسي پريس ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

نئين دلي (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي پاران 2019 جو اهم رپورٽنگ ايوارڊ والاريل ڪشمير جي فري لانسر صحافي احمر خان کي ڏنو ويو آهي. “ايجنسي فرانس پريس ڪيٽ ويب ايوارڊ 2019” جيڪو مشڪل حالتن ۾ بهترين رپورٽنگ تي ڏنو ويندو آهي. گذريل سال ڀارت والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪندي مواصلاتي پابنديون هڻي ڪرفيو لاڳو ڪيو هو. مشڪل ترين حالتن باوجود احمر خان ويڊيو ۽ لکت ۾ رپورٽس موڪليندو رهيو جڏهن ميڊيا تي بي تحاشا پابنديون لاڳو هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو