اٽي جي اگهن ۾ واڌ، شهري مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور

اٽي جي اگهن ۾ واڌ، شهري مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ هفتيوار بنيادن تي وڌيڪ 0.57 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي اگهه ۾ 400 رپين تائين اضافو ٿيو آهي. وفاقي اداري شماريات موجب، ملڪ ۾ سالياني مهانگائيءَ جي شرح پڻ وڌي 11.97 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران 20 ضروري شين جا اگهه وڌيا، 6 شين جا اگهه گهٽيا، جڏهن ته 25 شين جا اگهه برقرار رهيا. اداري موجب، هڪ هفتي دوران اٽو 5.69 سيڪڙو، ڪڪڙ جو گوشت 4.93 سيڪڙو، چڻن جي دال 3.99 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 2.40 سيڪڙو مهانگا ٿيا. ان کانسواءِ پيٽرول، مسور جي دال، چانهه ۽ ايل پي جي جا اگهه پڻ وڌيا.وفاقي اداري شماريات جي انگن اکرن موجب، هڪ هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي اگهه ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. ڪراچي، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جو اگهه 3 هزار 400 رپين تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب، راولپنڊيءَ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 347 رپيا وڌڻ کانپوءِ 3 هزار 333 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته سيالڪوٽ ۾ ٿيلهي جي اگهه ۾ 333 رپيا واڌ کانپوءِ قيمت 3 هزار 133 رپيا ٿي وئي آهي. دستاويز موجب، سکر ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 300 رپيا وڌي 3 هزار 60 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 200 رپيا واڌ کانپوءِ اٽي جي ٿيلهي جو اگهه 3 هزار 200 رپين تائين پهچي ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 70 رپيا وڌي 3 هزار 30 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ملتان ۾ 66 رپيا واڌ کانپوءِ اگهه 2 هزار 866 رپيا ٿي ويو آهي. هوڏانهن لاهور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2 هزار 300 رپيا، جڏهن ته فيصل آباد ۾ 2 هزار 200 رپيا برقرار رهي. ڪيلا، ڊيزل ۽ کنڊ سستي ٿي وئي وفاقي اداري شماريات موجب، هڪ هفتي دوران ڪيلن جي قيمت ۾ 2.81 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 1.37 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پٽاٽا 0.89 سيڪڙو ۽ کنڊ 0.37 سيڪڙو سستي ٿي.

سال دوران مهانگائيءَ ۾ وڏو اضافو

انگن اکرن موجب، سالياني بنيادن تي بصرن جي قيمت ۾ 100.24 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ايل پي جي 68.55 سيڪڙو مهانگي ٿي. هڪ سال دوران بجليءَ جي چارجز ۾ 58.59 سيڪڙو، پيٽرول ۾ 47.52 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 42.52 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سالياني بنيادن تي ڪڻڪ جو اٽو 32.60 سيڪڙو، مرچن جو پائوڊر 15.55 سيڪڙو ۽ ٻاڪرو گوشت 15.02 سيڪڙو مهانگا ٿيا. اهڙيءَ ريت ڳائو ۽ مينهن جو گوشت 12.60 سيڪڙو، ڪڪڙ جو گوشت 9.44 سيڪڙو، سادي ڊبل روٽي 8.99 سيڪڙو ۽ ڏهي 8.08 سيڪڙو مهانگا ٿيا.رپورٽ موجب، هڪ سال دوران پٽاٽن جي قيمت ۾ 39.51 سيڪڙو ۽ ٽماٽن جي اگهن ۾ 37.07 سيڪڙو لاٿ آئي، جڏهن ته کنڊ 22.44 سيڪڙو، انڊا 18.88 سيڪڙو ۽ پائوڊر لوڻ 14.81 سيڪڙو سستا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو