خيبر ۾ فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد

خيبر ۾ فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد

خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي تعلقي جمرود ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب واقعو جمرود ٿاڻي جي حدن ۾ جلال دين واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي پوليس اهلڪار ڪامران پنهنجي رهائشگاهه تان ڊيوٽيءَ تي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فائرنگ بعد فرار ٿي ويا.پوليس موجب شهيد اهلڪار جو مڙهه جمرود اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو