اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي هڪ مقامي عدالت 20 ورهين جي ڇوڪريءَ کي ’جن ڪڍڻ جي عمل دوران تشدد جي ڏوهه ۾ هڪ عامل کي ٽن سالن جي قيد ۽ 96 لک 76 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ان وقت تائين جيل ۾ رهندو، جيستائين هو ارش يعني ڏنڊ جي رقم متاثر ڇوڪريءَ کي ادا نٿو ڪري.
اسلامي فقه ۽ تعزيراتي قانونن ۾ ارش ان مالي معاوضي کي چيو ويندو آهي، جيڪو جسم تي اهڙي زخم يا نقص جي بدلي ۾ ڏنو ويندو آهي، جنهن لاءِ شريعت ۾ ڪا مقرر رقم بيان ٿيل نه هجي.
ياد رهي ته استغاثه موجب، ڏوهاري طرفان ’جن ڪڍڻ‘ ۽ ڇوڪريءَ تي تشدد ڪرڻ دوران سندس هڪ ڪن جي ٻڌڻ جي سگهه ختم ٿي وئي هئي.
اسلام آباد جي مقامي عدالت جي جج مبشر حسن چشتي، اسلام آباد جي ڪورال ٿاڻي تي 2024ع ۾ داخل ڪيل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. لاڳاپيل عدالت ان سلسلي ۾ تفصيلي فيصلو پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف، ڏوهاري جي وڪيل ياسر ملڪ ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته هو هن ڪيس کي اپيليٽ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا.
روحاني علاج جي نالي تي ’ٿڦڙن جو وسڪارو‘
اسلام آباد جي ڪورال ٿاڻي تي عامل نذير خان خلاف ڪيس سعيد الله خان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، جيڪو متاثر ڇوڪريءَ جو چاچو آهي.
گولڙا جي رهواسي سعيد الله خان پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته سندس 20 ورهين جي ڀائٽي ڪافي عرصي کان ’عجيب بيماريءَ‘ ۾ مبتلا هئي. سندس علاج لاءِ ڊاڪٽرن کان سواءِ ڪيترن ئي عاملن سان پڻ رابطو ڪيو ويو، پر سندس حالت ۾ سڌارو نه آيو.
هن ٻڌايو ته سندن پاڙي ۾ رهندڙ هڪ عورت جو متاثرا ڇوڪريءَ جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سعيد الله خان موجب، ان عورت ٻڌايو ته سندس والد پڻ روحاني عامل آهي ۽ عورت جي دعويٰ موجب، سندس والد جي دم ڪرڻ سان ڪيترائي ماڻهو صحتياب ٿيا آهن.
ڪيس جي فريادي موجب، ان عورت جي چوڻ تي هو پنهنجي ڀائٽيءَ کي وٺي نذير خان وٽ ويو. سعيد الله خان ٻڌايو ته، ’شروعات ۾ جوابدار چيو ته ڇوڪريءَ تي جنن جو پاڇو آهي‘ ۽ هو ’انهن جنن کي ڇوڪريءَ جي جسم مان ڪڍي ڇڏيندو.‘
سعيد الله خان جو چوڻ هو ته ان کان پوءِ جوابدار اکيون بند ڪري ڪجهه پڙهيو ۽ پوءِ ڇوڪريءَ جي منهن تي ٿڦڙن جو وسڪارو ڪري ڏنو. هن چيو ته ان دوران هو جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر ان جي باوجود ’نذير خان ٿڦڙ هڻڻ بند نه ڪيا.‘
سعيد الله خان موجب، ان کان پوءِ متاثر ڇوڪري ’بيهوش ٿي وئي‘، جنهن تي جوابدار چيو ته ’هاڻي هن کي گهر وٺي وڃو، ڇو ته هن مان جن نڪري ويا آهن.‘
هن ٻڌايو ته جڏهن ڇوڪريءَ کي گهر آندو ويو ته کيس ساڄي ڪن ۾ سخت سور محسوس ٿيو ۽ کيس معائني لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته سندس ساڄي ڪن جو پردو ڦاٽي پيو آهي، جنهن سبب ان ڪن جي ٻڌڻ جي سگهه ختم ٿي وئي آهي.
هن چيو ته متاثر ڇوڪري سندس وڏي ڀاءُ جي ڌيءَ آهي ۽ سندس ماءُ وفات ڪري چڪي آهي. سعيد الله خان موجب، هو پاڻ ڇوڪريءَ جي سارسنڀال ۽ خرچ پکو برداشت ڪري رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته جوابدار نذير خان جي ڌيءَ سندن پاڙي ۾ رهندي آهي، تنهنڪري معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ جوابدار کي چيو ويو ته هو پنهنجي عمل تي معافي وٺي، پر نذير خان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.
سعيد الله خان جو چوڻ هو ته جڏهن متاثرا ڇوڪري بيمار هئي ته کيس پمز اسپتال وٺي ويا هئا، جتي ڊاڪٽرن سي ٽي اسڪين سميت سمورا ضروري ٽيسٽ ڪيا، جيڪي ڊاڪٽرن موجب بلڪل ٺيڪ هئا.
هن چيو ته ’ڊاڪٽرن جي زباني طور راءِ ڏني ته کيس جسماني طور ڪا به بيماري ناهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته کيس ڪا روحاني بيماري آهي.‘ سعيد الله خان موجب، ’هاڻي ڇوڪري بلڪل ٺيڪ آهي، پر سياري ۾ جڏهن ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون ته سندس ڪن متاثر ٿين ٿا.‘
’ڏوهاري پنهنجي بچاءَ ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو‘
لاڳاپيل عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ متاثر ڇوڪريءَ جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته جڏهن کيس علاج لاءِ عامل وٽ وٺي ويا هئا ته ان وقت کيس ’خبر نه هئي ته کيس ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن.‘
پنهنجي بيان ۾ ڇوڪريءَ چيو ته جڏهن مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ هوءَ پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺي، تڏهن کيس علاج لاءِ پمز اسپتال وٺي ويا، جتي معلوم ٿيو ته سندس ڪن جو پردو ڦاٽي پيو آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڏوهاري نذير خان جي بيان جو پڻ حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته سعيد الله، جيڪو ڪيس جو فريادي آهي، معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ کانئس وڏي رقم گهري هئي ۽ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته ڏوهاري پنهنجي بچاءَ ۾ ڪو به شاهد يا دستاويز پيش نه ڪيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ڏوهاري پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعه 336 تحت متاثر ڇوڪريءَ کي ديت جي اڌ رقم، يعني 96 لک 76 هزار 195 رپيا ادا ڪرڻ جو پابند آهي. عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين هو اها رقم ادا نه ڪندو، تيستائين جيل ۾ رهندو.
عدالت جڏهن هن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ته ان وقت ڏوهاري نذير خان عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو. پوليس کيس گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو.










