صنم ماروي جي مڙس کان علحدگي جي درخواست منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا صنم ماروي جي پنهنجي مڙس حامد خان کان علحدگي لاءِ خلع جي درخواست لاهور جي فيملي ڪورٽ جي جج ثنا افضل واهله منظور ڪري ڇڏي آهي.17 فيبروري تي عدالت ۾ بيان ڏيندي صنم ماروي چيوهوته شوبز ۾ اڪثر شاديون ڪوڙ ڳالهائڻ سبب ٽٽي وڃن ٿيون. صنم ماروي پهرين شادي آفتاب ڦرڙو سان ڪئي هئي. جيڪو  سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جو اسٽاف آفيسر به هو. جنهن کي 2009 ۾ قتل ڪيو ويو هو. جنهن بعد هن حامد خان سان ٻئي شادي ڪئي هئي جنهن مان کيس 3 ٻار آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته سندس مڙس مٿس تشدد ڪندو آهي ۽ گار گند به ڪندو رهي ٿو. ٻارن خاطر برداشت ڪندي رهيس پر هاڻي معاملو حد کان وڌي ويو آهي. سندس مڙس عدالت ۾ 7 صفحن تي ٻڌل بيان لکت ۾ جمع ڪرايو هو جنهن ۾ هن الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته هو ٻارن ۽ گهرواري کي خرچ پورو ڏيندو آهي. ياد رهي ته صنم ماروي کي شهرت ڪوڪ اسٽوڊيو مان ملي. گذريل سال هن جا ڳايل 2 ڪلام عابده پروين جي ڪاپي رائٽ ڪليم بعد ڪوڪ اسٽوڊيو هٽائي ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو