پشاور (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.عزمِ استحڪام ويزن تحت ڪيل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جا 9 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.










