ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۾ غيرقانوني هنڊي حوالا خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي پرڏيهي ڪرنسي ۽ اهم ثبوتن سميت گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ايف آءِ اي سي بي سي ڪراچي جي ٽيم ڪارروائي ڪئي. ترجمان ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان اهڙا موبائل فون هٿ ڪيا ويا، جن ۾ مبينا هنڊي حوالا ۽ غيرقانوني ڪرنسي مٽاسٽا بابت ثبوت موجود هئا. پڌرائي موجب ڪارروائي دوران لکين رپين جي ماليت جي پرڏيهي ڪرنسي ۽ پاڪستاني رپيا پڻ هٿ ڪيا ويا.










