اڳوڻي آمريڪي ميجر جي موت جي سزا براهه راست ٽي وي تي ڏيکارڻ جو فيصلو

اڳوڻي آمريڪي ميجر جي موت جي سزا براهه راست ٽي وي تي ڏيکارڻ جو فيصلو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون اعلان ڪيو آهي ته فورٽ هُڊ فوجي اڏي تي فائرنگ ڪندڙ ڏوهاري ندال ملڪ حسن کي ڏنل موت جي سزا تي عملدرآمد 3 ڊسمبر تي سڌيءَ ريت نشر ڪيو ويندو.
آمريڪي فوج جي اڳوڻي ميجر ندال ملڪ حسن 2009ع ۾ ٽيڪساس جي فوجي اڏي تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا ۽ ٻيا 32 زخمي ٿيا هئا.
اهو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن حسن کي ڪجهه هفتن کان پوءِ افغانستان ۾ مقرر ٿيڻو هو. گرفتاري دوران پوليس جي فائرنگ ۾ هو جزوي طور مفلوج ٿي ويو ۽ ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو.
بعد ۾ آگسٽ 2013ع ۾ فوجي عدالت ندال ملڪ حسن کي قتل ۽ قتل جي ڪوشش جي 45 الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي هئي.
سومر ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي فوج جي اڳوڻي ميجر کي فائرنگ اسڪواڊ ذريعي موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.
بهرحال، هاڻي هڪ خابرو اداري موجب، پينٽاگون جي هڪ عملدار ٻڌايو آهي ته آمريڪا 3 ڊسمبر تي فورٽ هُڊ ۾ 13 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ڏوهاري ندال ملڪ حسن کي فائرنگ اسڪواڊ ذريعي موت جي سزا ڏيڻ واري ڪارروائي سڌيءَ ريت نشر ڪندو.
ٽرمپ اڳوڻي آمريڪي ميجر کي فائرنگ اسڪواڊ ذريعي موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪو پنهنجي نوعيت جو هڪ غير معمولي ۽ بي مثال قدم هوندو.
اڳوڻو فوجي نفسيات جو ماهر ندال ملڪ حسن 1945ع کان پوءِ آمريڪي فوج طرفان فائرنگ اسڪواڊ ذريعي موت جي سزا ڏني ويندڙ پهريون شخص هوندو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ خميس ڏينهن ”ريئل آمريڪا وائس“ جي پروگرام ”هيومن ايونٽس ڊيلي“ ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته هو ندال ملڪ حسن کي موت جي سزا ڏيڻ واري ڪارروائي عوام آڏو آڻڻ جو ارادو رکن ٿا، پر هن ان بابت تفصيل نه ٻڌايا هئا.
بهرحال، پينٽاگون جي هڪ عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته بچاءَ وارو وزير صحيح چئي رهيو آهي ۽ موت جي سزا تي عملدرآمد جي ڪارروائي سڌيءَ ريت نشر ڪئي ويندي. وڌيڪ تفصيل بعد ۾ فراهم ڪيا ويندا.
ندال حسن ملڪ جا والدين فلسطين جي مغربي ڪناري جا آهن ۽ هو 1970 ۾ ورجينيا ۾ پيدا ٿيو هو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو ته ندال ملڪ حسن کي خميس ڏينهن منجهند هڪ وڳي فورٽ هُڊ ۾ موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو نه هو، ڇاڪاڻ ته 2009ع ۾ فائرنگ جو واقعو به ساڳئي هنڌ، هفتي جي ساڳئي ڏينهن ۽ لڳ ڀڳ ساڳئي وقت پيش آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو