هر خطري ۾ پاڪستان سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو: وزيراعظم

هر خطري ۾ پاڪستان سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب تي حوثي مليشيا جي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تحت سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.وزيراعظم رياض ۽ ابها جي ايئرپورٽن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حملن ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ ۽ زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. شهباز شريف سعودي فوج ۽ اتحادي فورسز جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ فوري ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته سعودي فوج ۽ اتحادي فورسز ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سعودي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تحت سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ واري عزم تي قائم آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي پنهنجي عوام، شهرن ۽ اهم تنصيبات جي بچاءَ واري حق جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. حوثي مليشيا فوري طور سعودي عرب تي حملا بند ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر خطري جي مقابلي ۾ سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو. ياد رهي ته سعودي سول ايويئيشن اٿارٽي ڪنگ خالد ۽ ابها انٽرنيشنل ايئرپورٽن تي حملن جي تصديق ڪندي ٻڌايو هو ته واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 36 زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو