قمبر:(ن س) قمبر بدامنيءَ تي ضابطو اچي نه سگهيو مينهن چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ھٿياربندن ھٿان 17 سالہ نوجوان قتل وارثن پاران قمبر لاڙڪاڻو باءِ پاس وٽ لاش رکي ڌرڻو ٽريفڪ معطل ٿي وئي قمبر ڀرسان مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائم خان مغيري ۾ مينهن چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ھٿياربندن ھٿان 17 سالہ نوجوان گهر مالڪ عمران علي مغيري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو وارثن پاران قمبر لاڙڪاڻو روڊ وٽ لاش رکي ڌرڻو هڻي قمبر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.ان موقعي تي وارثن الطاف حسين مغيري، ثناءُالله مغيري، اصغر مغيري، نظام مغيري جو چوڻ آهي نوجوان پنهنجي گهر اندر رات جو ستل هو، جتي اڻچاتل ھٿياربند چورن مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ نوجوان عمران مغيري سجاڳ ٿي پيو مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربند چورن کيس گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي نوجوان کي اڻڄاتل چور بيگناھ قتل ڪري ويا آهن جيڪو اسان سان ظلم آهي احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي نوجوان عمران جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.










