اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ خميس تي ٻه اهم سياسي پيش رفتون ٿيون آهن. هڪ پاسي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ثالثي قبول ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ قانونسازي بابت تعاون تي ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو.
گذريل ڏينهن حڪومتي وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ مولانا کين چيو هو ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ سياسي طور مسئلا حل ڪريو. ان بابت حڪومت ٽيم وزيراعظم کي اڄ رپورٽ پيش ڪئي. جنهن بعد مولانا کي معاملا سلجهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. وزيراعظم جو پيغام ملڻ بعد مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي حڪومتي پيغام پهچايو آهي.
ان سان گڏوگڏ گهرو وزير محسن نقوي پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان سان به رابطي ۾ آهي.
خميس ڏينهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي قيام تي اتفاق ٿي ويو آهي.
چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي چيئرمين شپ پيپلز پارٽي کي ڏيڻ تي به اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته ڪميٽي ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن کي نمائندگي ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي ٻڌل بلن سميت 30 مختلف بلن جي منظوري تي پڻ اتفاق ٿي ويو آهي.










