ڪرڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار شهيد

ڪرڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار شهيد

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ هٿياربندن جي پوليس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب نيو ڪڙپه واري هنڌ تي هٿياربندن پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بانڊه دائود شاهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او دائود خان ۽ سندس گن مين فرهاد شهيد ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڪرڪ جو ضلعي پوليس آفيسر عمران خان وڌيڪ پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو