دنيا جي امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: انتونيو گوتريش

دنيا جي امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: انتونيو گوتريش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ملاقات ڪئي، جنهن دوران عالمي ۽ علائقائي صورتحال سميت امن مشنز بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته افغانستان ۾ هن وقت 25 دهشتگرد تنظيمون سرگرم آهن، جيڪي دنيا جي امن لاءِ وڏو خطرو آهن، تنهن ڪري عالمي برادري کي ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکندو. پاڪستاني پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار پڻ گڏيل قومن جي پوليس ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان امن مشنز دوران 181 قيمتي جانيون قربان ڪري چڪو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو ته گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي شرڪت هميشه نمايان رهي آهي ۽ دنيا جي امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي قدرتي آفتن دوران پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جا ٿورا پڻ مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو