انڊر 19 اڳوڻو ڪپتان حسن خان آمريڪي اسڪواڊ ۾ شامل

انڊر 19 اڳوڻو ڪپتان حسن خان آمريڪي اسڪواڊ ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان حسن خان کي متحده عرب امارات ۽ نميبيا خلاف جاري آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ليگ 2 جي ٽه ملڪي سيريز لاءِ آمريڪي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.سرڪاري خابرو اداري موجب 2018ع جي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ حسن خان لاءِ اهو پهريون عالمي ڪرڪيٽ جو موقعو هوندو. ان ٽيم ۾ شاهين شاهه آفريدي ۽ موسىٰ خان به شامل هئا، جيڪي بعد ۾ پاڪستان طرفان عالمي ڪرڪيٽ کيڏي چڪا آهن. ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ حسن خان 2017ع ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان گڏ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ذريعي پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ هو آمريڪا منتقل ٿي ويو. هن ميجر ليگ ڪرڪيٽ ۾ سان فرانسسڪو يونيڪورنز طرفان شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. رپورٽ موجب گذريل ٽن ميجر ليگ ڪرڪيٽ سيزنز دوران حسن خان 32 ميچن ۾ 609 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 24 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون. هو بگ بيش ليگ ۽ ڪيريبين پريميئر ليگ سميت مختلف فرنچائز ليگز ۾ پڻ حصو وٺي چڪو آهي. حسن خان 2026ع ۾ حيدرآباد ڪنگز مين جي نمائندگي ڪندي پي ايس ايل ۾ پڻ واپسي ڪئي ۽ ٽيم کي فائنل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 8 اننگز ۾ 139 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو