ڪمند جي رهتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي، ايس ايڇ او کي نوٽيس

نوابشاهه (ن س)ڪمند جي رهتن جي ادائگي بابت سيڪنڊ سينئر سول جج شهيد بينظير آباد نوابشاهه جي عدالت ۾ سڪرنڊ شگر ملز جي چيئرمين مسٽر ڊنشا ۽  جنرل مينيجر ڪين رائو حسين اختر جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ڪيس داخل ڪندڙ ڪين ڪمشنر آفيس جا ملازم خالد اختر راجپوت ۽ عبدالقيوم راجپوت پيش ٿيا ۽ انهن سان گڏ اٽڪل 60 آبادگار به عدالت ۾ پيش ٿيا انهن ۾ علي رضا چانڊيو، سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن، ڪاشف جٽ، شريف ڪيريو، انور راجپوت، حاجي ثناالله چانڊيو، ديوان واسو مل ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته عدالت ۾ سڪرنڊ شگر مل پاران نه وڪيل پيش ٿيو نه ئي وري چيف ايگزيڪٽو ۽ نه ئي وري جنرل منيجر ڪين پيش ٿيا. جڏهن ته عدالت ايس ايڇ او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هو  عدالت ۾ ڇو نه حاضر ٿيو آهي ۽ ان خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي. واضح هجي ته آبادگارن جي شڪايتن تي ۽  سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪين ڪمشنر سنڌ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهيد بينظيرآباد نوابشاهه جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو ۽سيشن جج جي عدالت ڪيس سيڪنڊ سينيئر سول جج جي عدالت کي موڪلي ڇڏيو  ۽ عدالت آبادگارن جي بقاياجات ڏنيون وڃن. جنهن بعد ڪيس داخل ٿيو ۽ اڄ ان جي پهرين ٻڌڻي ٿي جنهن بعد متاثر آبادگارن عدالتن جي ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي گذريل ٽن سالن جي ڪمند جا پئسا نٿا ڏنا وڃن جيڪي اسان کي ڏياريا وڃن ۽ صرف مختلف بهانا ڪري پئسا ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ شگر مل جي اهڙي عمل سان آبادگار ڪمند جو فصل نه ڪاهيندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته آبادگارن پاران نوابشاهه شهر جي مقامي شگر ملز خلاف آبادگارن کي سي پي آر نه ڏيڻ ۽ ڪٽوتي ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو