ليکڪ: اعجاز مهر
(آمريڪا جي وچ مدتي چونڊ ويجهو آهي ۽ ظاهر آهي ته دنيا جي اڪثر ملڪن جي ان ۾ دلچسپي هوندي آهي. اسين سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ آمريڪي قانون، قاعدن، ايوانن ۽ دلچسپ مقابلن بابت پاڪستاني نظام سان ڀيٽ ڪندي آسان سمجهاڻي تي مشتمل سنڌيار اسپيشل معلومات کي گڏ ڪيو آهي. ادارو)
آمريڪا ۾ ايندڙ مهيني يعني 3 نومبر 2026 تي مڊٽرم اليڪشن ٿي رهي آهي. جنهن ۾ پاڪستان جي قومي اسمبلي جهڙي ايوان ’هائوس آف ريپريزنٽيٽوز‘ جي سڀني 435 سيٽن ۽ آمريڪي ايوان بالا سينيٽ جي 35 سيٽن لاءِ چونڊون ٿينديون. عام طور سينيٽ جي 33 سيٽن لاءِ چونڊ ٿيندي آهي پر هن ڀيري نائب صدر جي ڊي وينس جي اوهائيو ۽ مارڪو روبيو جي فلوريڊا واري خالي ڪيل سيٽن سبب 35 سيٽن تي چونڊ ٿيندي.
جهڙي ريت پاڪستان جي پارليامينٽ ٻن ايوانن سينيٽ ۽ قومي اسمبلي تي مشتمل آهي اهڙي طريقي سان آمريڪا جي ڪانگريس به ٻن ايوانن سينيٽ (100 ميمبر) ۽ ايوان نمائندگان يا هائوس (435 ميمبر) تي مشتمل آهي.
هن وقت ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾ صدر ٽرمپ جي پارٽي کي معمولي برتري حاصل آهي. سينيٽ ۾ 53 سينيٽر ريپبلڪن جا آهن، ڊيموڪريٽس جا 45 سينيٽر آهن ۽ 2 آزاد سينيٽر به ڊيموڪريٽس سان گڏ آهن، جنهن بعد سندن تعداد 47 بڻجي ٿو. هن وقت ريپبلڪن وٽ هائوس ۾ 218 ۽ ڊيموڪريٽس وٽ 214 سيٽون آهن. هڪ سيٽ تي آزاد آهي ۽ 2 سيٽون خالي آهن.
مڊٽرم چونڊن جو صدر ٽرمپ جي مدي تي بظاهر اثر نه پوندو. ريپبلڪن کٽين يا هارائين 2029 تائين صدر جي عهدي تي ٽرمپ رهندو. ها البته جيڪڏهن سندس مخالف ڊيموڪريٽس مڊ ٽرم ۾ ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت حاصل ڪن ٿا ته ان صورت ۾ صدر ٽرمپ لاءِ قانونسازي ڏکئي ٿي ويندي، ججن جي مقرري يا ڪابينا ۾ مقررين تي فرق پئجي سگهي ٿو.
ڊيموڪريٽس ايوان نمائندگان ۾ احتساب جي تحريڪ منظور ڪري سگهن ٿا ۽ ان صورت ۾ صدر جو ٽرائل سينيٽ ڪندي ۽ جيڪڏهن ان ۾ کيس هٽائڻ جو آئيني طريقو اختيار ڪيو ويو ته ان صورت ۾ هو هٽي ويندو پر عام طور تي ائين گهٽ ئي ٿيندو آهي. ڊگهو عمل آهي تيسين هن جي رهيل مدي جا 2 سال به پورا ٿيڻ تي هوندا.
مڊ ٽرم اليڪشن ۾ ڇا ٿيندو؟
جيئن اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته 3 نومبر تي رٿيل مڊٽرم چونڊ ۾ ايوان نمائندگان جنهن کي عام آمريڪي هائوس به سڏين ٿا، ان جي 435 ۽ سينيٽ جي 35 سيٽن لاءِ چونڊ ٿيندي. پوءِ ٻنهي ايوانن ۾ جنهن پارٽي کي اڪثريت ملندي، اها ڪانگريس جي لاڳاپيل ايوان کي ڪنٽرول ڪندي.
تنهنڪري جيڪڏهن ڊيموڪريٽس هائوس ۽ سينيٽ ٻئي کٽي وڃن، ته ڪانگريس ڊيموڪريٽس جي ڪنٽرول ۾ هوندي، پر صدر ٽرمپ ئي رهندو. هڪ اهم فرق به ياد رکو ته صدر ڪانگريس جو حصو ناهي؛ صدر الڳ، ايگزيڪيوٽو شاخ جو سربراهه آهي.
ڊيموڪريٽس هائوس جون ڪميٽيون ۽ اسپيڪر جي عهدي تي ڪنٽرول حاصل ڪندا ۽ انتظاميه خلاف تحقيقات ۽ ٻڌڻيون ڪرائي سگهندا. پر ٽرمپ جو صدارتي اختيار ختم نه ٿيندو.
مثال طور 2018ع ۾ ٽرمپ جي پهرين صدارتي دور ۾ به ڊيموڪريٽس هائوس جي اڪثريت حاصل ڪئي هئي، پر ٽرمپ صدر ئي رهيو.
جيڪڏهن صدر ٽرمپ جي پارٽي ٻنهي ايوانن ۾ سادي اڪثريت به حاصل ڪري سگهي ته صدر ٽرمپ جي باقي ٻن سالن وارو مدو آساني سان گذرندو.
آمريڪي صدر وٽ قانون سازي جو اختيار ناهي، جيئن پاڪستاني آئين موجب صدر کي آرڊيننس ذريعي قانون سازي جو عارضي اختيار آهي اهڙو اختيار آمريڪي صدر وٽ ناهي. ها البته ڪانگريس پاران منظور ڪيل ڪنهن به قانون تي عمل جي طريقه ڪار تبديل ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر وٽ ايگزيڪيٽو آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار آهي. ڪانگريس جي ڪنهن به منظور ڪيل قانون تي آمريڪي صدر صحيح ڪندو ته اهو قانون بڻبو، صدر کي ڪنهن قانون کي ويٽو ڪرڻ يا اهو ٻيهر ڪانگريس کي موڪلڻ جو به اختيار آهي.
هن وقت 2026ع جي چونڊ ۾ هائوس جو ڪنٽرول خاص طور تي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده هائوس جي اڪثريت تمام معمولي آهي.
خاص طور تي اهي ضلعا اهم آهن جتي صدر ٽرمپ 2024ع ۾ کٽي چڪو هو، پر موجوده نمائندن جي مقابلي ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار مضبوط آهي ۽ جن سيٽن تي گذريل چونڊن ۾ ووٽن جو فرق گهٽ هو.
تازن چونڊ تجزين ۾ ڪيليفورنيا، نيويارڪ، نيو جرسي، پنسلوانيا، مشي گن، ايريزونا ۽ اوهائيو جهڙين رياستن جا ڪيترائي ضلعا اهم سمجهيا پيا وڃن.
خاص دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه اهڙا ضلعا به مقابلي ۾ اچي ويا آهن، جتي 2024ع ۾ ٽرمپ واضح فرق سان کٽيو هو. اوهائيو هن وقت خاص اهم آهي: اتي هڪ سينيٽ ۽ ٻه هائوس جون مقابلي واريون چونڊون اهڙيون آهن جن کي چونڊ تجزيه نگار انتهائي ويجهو سمجهن ٿا.
سينيٽ جي صورتحال وڌيڪ پيچيده آهي
سينيٽ ۾ ڪل 100 سيٽون آهن، پر هر اليڪشن ۾ تقريباً ٽيون حصو سيٽون چونڊ لاءِ اچن ٿيون. 2026ع ۾ 35 سيٽون چونڊ لاءِ آهن.
هن وقت ريپبلڪن وٽ سينيٽ ۾ 53 سيٽون ۽ ڊيموڪريٽس/ساڻن گڏ ووٽ ڪندڙ آزاد سينيٽرن وٽ 47 جو مؤثر انگ آهي.
تنهنڪري ڊيموڪريٽس کي سينيٽ ۾ اڪثريت لاءِ خالص 4 سيٽون حاصل ڪرڻيون پونديون. جيڪڏهن ڊيموڪريٽس 4 ريپبلڪن سيٽون کسي وٺن ته 49 سيٽون ريپبلڪن ۽ 51 ڊيموڪريٽس/اتحادي سيٽون ٿين ٿيون ته سينيٽ ڊيموڪريٽس وٽ هلي ويندي.
2026ع ۾ سينيٽ جو نقشو هائوس کان مختلف آهي. 35 سيٽن مان 20 ريپبلڪن ۽ 13 ڊيموڪريٽڪ سيٽون چونڊ لاءِ آهن، جڏهن ته ٻه خاص چونڊون به شامل آهن. انهيءَ ڪري ڊيموڪريٽس لاءِ سينيٽ کٽڻ جو رستو هائوس کان وڌيڪ ڏکيو آهي.
هن وقت خاص ڌيان هيٺ ايندڙ مقابلي وارين رياستن ۾: اوهائيو، جارجيا، نيو هيمپشائر، مين، نارٿ ڪيرولائنا، الاسڪا، ڪينٽڪي، ٽيڪساس ۽ ڪنساسجهڙيون رياستون شامل آهن.
خاص طور تي ڪينٽڪي، ٽيڪساس ۽ ڪنساس دلچسپ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي عام طور ريپبلڪن لاءِ نسبتاً محفوظ سمجهيون وينديون آهن، پر هن ڀيري مقابلو وڌيڪ سخت آهي.
نارٿ ڪيرولائنا ڇو اهم آهي؟
هي ڊيموڪريٽس لاءِ خاص اهم سيٽ آهي. ريپبلڪن سينيٽر ٿام ٽِلس ٻيهر اميدوار ناهي. ڊيموڪريٽڪ طرفان اڳوڻو گورنر رائو ڪوپر اميدوار آهي.
نارٿ ڪيرولائنا عام طور تي سخت مقابلي واري رياست آهي ۽ گذريل صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ اتي کٽيو هو. تنهنڪري جيڪڏهن اها سيٽ ڊيموڪريٽس کسي وٺن ته سينيٽ جي حساب ڪتاب تي وڏو اثر پوندو.
اوهائيو خاص طور تي دلچسپ آهي
اوهائيو ۾ ريپبلڪن جان هسٽڊ ۽ اڳوڻو ڊيموڪريٽڪ سينيٽر شيرڊ برائون مقابلي ۾ آهن. هي مقابلو هن وقت انتهائي غيريقيني مقابلو سمجهيو پيو وڃي. اوهائيو ۾ هائوس جون به ٻه اهم مقابلي واريون سيٽون آهن. يعني اوهائيو هڪ ئي وقت سينيٽ ۽ هائوس ٻنهي لاءِ اهم آهي.
رياست مين ڇو اهم آهي؟
ريپبلڪن سينيٽر سوزن ڪولنز ڊگهي عرصي کان مين جي نمائندگي ڪري رهي آهي. مين اهڙي رياست آهي جتي صدارتي سطح تي ڊيموڪريٽس مضبوط رهيا آهن، تنهنڪري هي سيٽ ڊيموڪريٽس لاءِ ريپبلڪن اڪثريت ٽوڙڻ جو اهم موقعو آهي.
سڀ کان دلچسپ ڳالهه ٽيڪساس رياست جي آهي
عام طور تي ٽيڪساس کي ريپبلڪن جي مضبوط رياست سمجهيو ويندو آهي، پر هن ڀيري مقابلو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڌيان ڇڪائي رهيو آهي. ڊيموڪريٽس انهن رياستن ۾ به مقابلي ۾ اچي رهيا آهن جتي ٽرمپ 2024ع ۾ وڏي فرق سان کٽيو هو، جن ۾ ڪينٽڪي، ٽيڪساس ۽ ڪنساس به شامل آهن. پر هتي احتياط ضروري آهي: مقابلو سخت ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته نتيجو اڳواٽ طئي ٿي ويو آهي.
ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري نيون تبديليون ڪهڙيون آهن؟
عام طور آمريڪا ۾ ڪانگريس جي حلقن جون حدبنديون هر 10 سالن واري آدم شماري کان پوءِ نئين سر ٺاهيون وينديون آهن. پر 2026 ۾ ڪيترين رياستن وچِ ڏهاڪي ۾ ئي نوان نقشا ٺاهيا آهن.
خاص طور ٽيڪساس، ڪيليفورنيا، فلوريڊا، اتر ڪيرولائنا، اوهائيو، يوٽا، الاباما ۽ ڪجهه ٻين رياستن ۾ حلقن جون حدون تبديل ٿيون آهن. ان سان ڪجهه هائوس سيٽن تي مقابلي جو سياسي توازن تبديل ٿي سگهي ٿو. يعني 2026 ۾ ووٽر ڪجهه هنڌن تي اهڙي نئين چونڊ واري ضلعي ۾ ووٽ ڏئي رهيا آهن، جيڪو 2024 جي چونڊ وقت موجود ئي نه هو.
ووٽنگ جا قانون به ڪيترين رياستن ۾ تبديل ٿيا آهن. مثال طور ڪجهه رياستن ۾: ٽپال ذريعي ووٽ موڪلڻ جا آخري وقت تبديل ٿيا؛ ووٽر سڃاڻپ جا ضابطا سخت يا تبديل ٿيا؛ ووٽ ڳڻپ ۽ تصديق جا طريقا تبديل ٿيا.
هڪ تازي 2026 جي مطالعي مطابق، ڇهن رياستن اهڙا قانون منظور ڪيا آهن جن تحت چونڊ واري ڏينهن کان پوءِ پهتل ڪجهه ٽپال وارا ووٽ ڳڻڻ جي اجازت محدود ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه تبديلين کي عدالتن ۾ چئلينج پڻ ڪيو ويو آهي.
هن ڀيري وفاقي انتظاميه ۽ رياستن وچ ۾ ٽپال ووٽ، ووٽر ڊيٽا ۽ چونڊ انتظام بابت به قانوني تڪرار وڌيو آهي. مثال طور ٽرمپ انتظاميه ٽپال ووٽن تي نيون پابنديون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي عدالتن ۾ چئلينج ڪيو ويو.
ان ڪري 2026 جي مڊٽرم ۾ صرف ”ڪير کٽندو؟“ وارو سوال ناهي، پر ”ووٽ ڪيئن وڌا ۽ ڳڻيا ويندا؟“ وارو سوال به وڏي بحث جو حصو بڻجي ويو آهي.
3 نومبر اصل چونڊ جو ڏينهن آهي، پر آمريڪا ۾ ڪيترين رياستن ۾ ووٽر ان کان ڪيترائي ڏينهن يا هفتا اڳ ووٽ وجهي رهيا آهن.
هاڻي ٽرمپ حڪومت کي ايران سان جنگ جو تجربو به پيش آيو آهي، تنهنڪري 2026 جي مڊٽرم ۾ سندس پرڏيهي پاليسي صرف ”جنگ کان پاسو ڪرڻ“ يا سفارتي دٻاءُ تائين محدود ناهي رهي. ايران جي جنگ ۽ ان جا تيل جي قيمتن تي اثر هاڻي اندروني سياست جو به حصو بڻجي ويا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري پرڏيهي پاليسي ۽ آمريڪي عوام جي روزمره خرچن جو تعلق وڌيڪ نمايان ٿيو آهي ته کاڌو، پيٽرول، گهر، صحت ۽ روزمره خرچ ڪڏهن گهٽ ٿيندا؟










