لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مس ڪنڊڪٽ ۽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي تي عورت سول جج ظلِ هما کي برطرف ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ مان ڊيپوٽيشن ختم ٿيڻ کانپوءِ سول جج مسلسل غير حاضر رهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سول جج کي وضاحت جو موقعو ڏنو ويو، پر هن شوڪاز نوٽيس جو جواب پڻ نه ڏنو.










