ڦورن جي فائرنگ، شهري زخمي، 1 ڪروڙ 30 لک رپيا ڦر

ڦورن جي فائرنگ، شهري زخمي، 1 ڪروڙ 30 لک رپيا ڦر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گلشن اقبال نيپا پل ڀرسان مسلح ڌاڙيل شهري کي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد مبينا طور هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي شهري اسپتال پهچي واقعي جي اطلاع ڏني. متاثر شهري موٽرسائيڪل تي هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا کڻي وڃي رهيو هو ته ڌاڙيلن کيس نشانو بڻايو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گلشن ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو يا عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حدن ۾، ان بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته ٻنهي ٿاڻن جي نفري کي واقعي واري هنڌ اماڻيو ويو.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي ايسٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.آءِ جي سنڌ ملزمن جي فوري گرفتاري لاءِ خاص قدم کڻڻ ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن سي سي ٽي وي فوٽيجز، ٽيڪنيڪل شاهدن ۽ ٻين ذريعن ذريعي ملزمن جي سڃاڻپ يقيني بڻائڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو