گتي جي ڪارخاني کي باهه، سامان سڙي رک

گتي جي ڪارخاني کي باهه، سامان سڙي رک

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عزيز آباد جي ڀنگوريا ڳوٺ ڀرسان گتي ۽ پلاسٽڪ جي ڪارخاني ۾ لڳل باهه تي فائر بريگيڊ جي عملي ضابطو آڻي ورتو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي کولنگ جو عمل جاري رهيو.فائر بريگيڊ جي 4 گاڏين باهه وسائڻ واري آپريشن ۾ حصو ورتو. باهه سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، تنهن هوندي به ڪارخاني ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. ريسڪيو آپريشن دوران سنڌ رينجرز جا اهلڪار پڻ فائر بريگيڊ ۽ ٻين امدادي ادارن سان گڏ موجود رهيا. باهه لڳڻ جو سبب فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو، جنهن بابت جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو