9 مئي ڪيس: عليمه خان ۽ عظميٰ خانم جي ضمانت ۾ واڌ

9 مئي ڪيس: عليمه خان ۽ عظميٰ خانم جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه ۽ باهه لڳائڻ وارن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خانم سميت ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پراسيڪيوشن کان ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.اي ٽي سي جي جج منظر علي گل ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي دليل ڏيڻ لاءِ پڻ طلب ڪري ورتو. عدالت عليمه خان، عظميٰ خانم ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر، فواد چوڌري، مسرت چيمه سميت ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت اعظم سواتي جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. واضح رهي ته جوابدارن خلاف 9 مئي جي واقعن دوران جناح هائوس، عسڪري ٽاور ۽ مسلم ليگ (ن) جي آفيس کي باهه ڏيڻ سميت ٻين واقعن بابت ڪيس داخل ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو